268

ورلڊ بئنڪ پاڪستان لاءِ 30 ڪروڙ ڊالر قرض ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، 20 ڪروڙ ڊالر سنڌ ريزيلينس پراجيڪٽ ۽ 10 ڪروڙ ڪراچي جي نالن جي صفائي لاءِ هوندا: جاري ڪيل پڌرائي

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) ورلڊ بئنڪ پاڪستان لاءِ 30 ڪروڙ ڊالر قرض ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ورلڊ بئنڪ پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته قرض جي منظوري ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽرز جي بورڊ ڏني آهي. پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته قرض ٻن مختلف رٿائن لاءِ ڏنو ويو آهي، 20 ڪروڙ ڊالر سنڌ ريزيلينس پراجيڪٽ لاءِ ڏنا ويندا، منصوبي جي رقم ٻوڏ ۽ ڏڪار تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڏني ويندي. ورلڊ بئنڪ پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته منصوبي سان قدرتي آفتن تي ضابطو آڻڻ لاءِ صحت وارن شعبن کي بهتر ڪيو ويندو، منصوبي سان ڪورونا تي ضابطو آڻڻ ۾ به مدد ملندي، جڏهن ته ڪراچي سالڊ ويسٽ ايمرجنسي پراجيڪٽ لاءِ 10 ڪروڙ ڊالر ڏنا ويندا، جنهن سان ڪراچي جي نالن جي صفائي کي بهتر بڻايو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو