اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته جمهوري نظام جو اهو مطلب نه آهي ته سياسي اڳواڻ اهڙا فيصلا ڪن جن سان عوام جي زندگي ۽ انهن جو روزگار خطري ۾ پوي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير اسد عمر جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪورونا جي پهرئين جي قدمن تي دنيا پاڪستان جو مثال ڏئي رهي آهي، پر بدقسمتي سان ٻي لهر ۾ ساڳيو پيغام نه وڃي رهيو آهي، آڪٽوبر ۾ ڪورونا ڪيس 2 سيڪڙو هئا پر هاڻي ٻن مهينن ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي جنهن سان اسپتالن تي به چئوڻو دٻاءُ پئجي رهيو آهي ان سان صحت واري شعبي جا سوين ڊاڪٽر ۽ ڪارڪن ڪورونا ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، اسد عمر جو چوڻ هو ته ڪورونا وبا ڪو مذاق نه آهي هي هڪ عالمي مسئلو آهي ، عوام جي صحت ۽ زندگين جي تحفظ لاءِ مشڪل ۽ اهم فيصلا ڪيا آهن، تعليمي ادارن ۾ موڪلن جو اعلان ڪيو آهي، بندش سبب تعليمي نظام ۽ روزگار متاثر ٿيو آهي،
195