ليکڪ: ناظم ڪشميري
جيڪڏهن اسان پنهنجي تعليمي نظام ۽ پنهنجي معاشري تي غور ٿا ڪيون ته بي اختيار هر زبان تي اهي لفظ هوندا آهن، ” نقصان ٿي رهيو آهي، قوم جو نقصان ٿي رهيو آ، نسلن جو نقصان ٿي رهيو آ، ملڪ جو نقصان ٿي رهيو آ“ اسان جي معاشري ۾ هڪ عجيب روايت جنم ورتو آهي ته ڀلي ڪجهه اچي نه اچي انگريزي لازمي اچڻ کپي، ڀلي توهان ڪيترو به پڙهيل هجو، ڪيترا به قابل ڇونه هجو، جيستائين انگريزي نٿا ڳالهايو معاشري ۾ اوهان کي اڻپڙهيل ئي تصور ڪيو وڃي ٿو، عجيب منطق آهي! اسان نالي ۾ ته آزاد قوم آهيون پر اسان ذهني طور تي غلامي واري زندگي ٿا گذاريون، اڄ تعليم ايتري مشڪل ۽ مهانگي ڇو ٿي وئي آ؟ ڪڏهن غور ڪيو اٿوَ، ڇو اسان ٻارن کي مهانگن اسڪولن ۾ پڙهائڻ باوجود به مطمئن نه آهيون؟ منهنجو دوستن سان ان ڳالهھ تي بحث ٿيندو رهندو آهي، ته اسان جي ناڪامي جو سبب ڪهڙو آهي؟ شايد اهو ئي اهي ته اسان پنهنجي طور طريقن کي ڇڏي پنهنجي ٻولي کي ڇڏي، ٻين ٻولين جي پويان لڳي پيا آهيون، انهن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لڳا آهيون ۽ دوستن وٽان اڪثر جواب اهو ٿو ملي ته انگريزي ترقي واري ٻولي آهي، اسان کي سکڻ گهرجي، آئون چوان ٿو بلڪل سکڻ گهرجي، دنيا جي هر ٻولي سکڻ گهرجي، ڇو ته ڪنهن به ٻولي سان نفرت نٿي ڪري سگهجي، پر ان لاءِ ڪجهه حدون آهن، آئون سوال ڪيان ٿو جيڪڏهن انگريزي ترقي واري ٻولي آهي ۽ ٻولي جي بنياد تي ئي ترقي ٿئي ٿي ته پوءِ هن وقت چائنا سڀني کان وڌيڪ ترقي ڪيئن ڪري ويو آهي، ڪو هڪ به اهڙو ملڪ ڏيکاريو، جنهن چائنا جي ترقي ڏسي پنهنجي ملڪ ۾ پرائمري سطح تائين چائنيز ٻولي پڙهائڻ شروع ڪئي هجي؟ جتي سرڪاري ادارن ۾ چائنيز باقاعده استعمال ٿيندي هجي؟ جي نه ته پوءِ اهو نقطئه نظر غلط آهي، چائنا اڄ ترقي يافتا ملڪ آهي، ڇو جو انهن جو سمورو نصاب پرائمري کان ويندي يونيورسٽي تائين پنهنجي ٻولي ۾ لکيل آهي، سرڪاري ادارن ۾ چائنيز رائج آهي، اها ڳالهه ٻي آهي ته شوق خاطر اهي ٻيون بوليون به سکن ٿا، پر اڄ تائين چائنا ۾ چائنيز کانسواءِ ٻي ڪا به ٻولي قبول ناهي ڪئي وئي، آمريڪا ترقي يافتا ملڪ ان ڪري آهي جو انهن جو سڄو اسڪول سسٽم ۽ هائير ايجوڪيشن جو سڄو نظام انهن جي پنهنجي ماءُ ٻولي يعني انگريزي ۾ آهي، انگريزي انهن جي قومي ٻولي هجڻ ڪري انهن کي اسان وانگر ڪنهن به شيءِ ۾ ڏکيائي نٿي ٿئي، سئي ٺاهڻ کان وٺي ائٽم بم ٺاهڻ تائين سمورا فارمولا انهن جي پنهنجي ٻولي ۾ لکيا، پڙهيا ۽ سيکاريا وڃن ٿا، ايران ۾ پارسي ٻولي، ترڪي ۾ ترڪ ٻولي سموري اسڪولي نظام ۾ پڙهائي وڃي ٿي، اتي ٻار کي بنيادي تعليم پنهنجي ٻولي ۾ ملي ٿي، ايران ۾ ته يونيورسٽين تائين پارسي پڙهائي وڃي ٿي ۽ اتي عام ماڻهو انگريزي بدران پنهنجي ٻولي ڳالهائڻ تي فخر ڪري ٿو، توهان کي ڪو ورلي ايراني ملندو جنهن کي انگريزي سمجهه ۾ ايندي هجي، پوءِ ايران ۽ ترڪي ايتري ترقي ڪيئن ڪئي؟ اهڙي نموني سان ڪيترن ئي ملڪن جا مثال اسان توهان جي سامهون آهن، جيڪڏهن اسان نصيحت وٺڻ وارن مان هجون ها ته ضرور ان مان فائدو وٺي سگهون ها، هڪ ٻيو مثال به ڏيڻ چاهيان ٿو، توهان ڪنهن ٻار کي ڪجهه ٺاهڻ سيکاريو، انگريزي يا فارسي ۾ يا ڪنهن به ٻولي ۾ اهو ٻار نه ٺاهي سگهندو، ڇو ته اهو سمجهي نه سگهندو ۽ نه سکي سگهندو، ٻار کي توهان ڪا به مشين ٺاهڻ سيکاريو پر ان جون هدايتون پنهنجي ٻولي ۾ ڏيو، يقين سان چوان ٿو ته اهو ٻار سمجهي به ويندو، سکي به ويندو ۽ ٺاهي به ويندو.ڇو ته ان ٻار جي ٻولي سنڌي آهي، جنهن ۾ سمجهي ٿو، جڏهن ٻار کي توهان جي ڳالهه سمجهه ۾ ئي نٿي اچي ته پوءِ 10 10 ڪلو وزني ٿيلهو سندس ڪلهي تي رکڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، يقينن ان سان وقت جو زيان ۽ ذهن جو نقصان ٿي رهيو آهي، نه صرف ايترو پر سڀ کان وڌيڪ قومي نقصان ٿي رهيو آهي، ڳالهه کي ٿورڙو وڌيڪ کوليون ٿا، ڪجهه سوال سامهون رکون ٿا، اسان وٽ ڪاپي ڪلچر ڇو آهي؟ اسان وٽ سفارشي نظام ڇو آهي؟ اسان ترقي ڇو نٿا ڪريون؟ هي اهڙا سوال آهن جيڪي هر پڙهيل لکيل ماڻهو جي ذهن ۾ ضرور گردش ڪندا هوندا. انهن سڀني مسئلن جو ٻيو به ڪو سبب ٿي سگهي ٿو پر منهنجي نظر ۾ انهن مسئلن جي پويان سڀ کان وڌيڪ انگريزي ٻولي کي برتر ۽ سنڌي ٻولي کي ڪمتر تسليم ڪرڻ آهي، اڄ به اوهان سي ايس ايس سميت ٻين نوڪرين جو امتحان انگريزي کي ڇڏي سنڌي ٻولي ۾ وٺي ڏسو، نتيجو اوهان جي سامهون اچي ويندو، اوهان ڏسو ته ڪيترا نوجوان ڪامياب ٿين ٿا ۽ ڪيترا ناڪام، اسان آسانيون پيدا ڪرڻ بدران ڏکيائيون پيد اڪري ڇڏيون آهن پنهنجي لاءِ، پنهنجي ٻارن لاءِ وڏي رڪاوٽ اها پيدا ڪئي آهي ته انهن لاءِ پنهنجي ٻولي مٿان پابندي هڻي ڇڏي آهي، جنهن سبب ٻار ڊپريشن جو شڪار ٿين ٿا نجي اسڪولن جي نظام جي انهن کي ئي خبر آ، جيڪي انهن اسڪولن ۾ پڙهن ۽ پڙهائين ٿا، مون به ڪجهه وقت پڙهيو آهي ۽ انهن اسڪولن ۾ ڪجهه وقت پڙهايو به آهي، انهن اسڪولن جي پرنسپال جيڪو اڪثر ڪري مالڪ به هوندو آهي، جو گهڻو زور ان ڳالهه تي هوندو آهي ته جيترو به ٿي سگهي، ٻارن کي ڪاپيون فيئر ڪرايو، پوءِ ڀلي انهن کي ڪجهه اچي يا نه اچي، ٻارن جي گهروارا ٻارن کي لکندي ڏسندا ته اهو ئي سمجهندا ته ٻار محنت ٿو ڪري، سٺو پڙهندو هوندو، اصل حقيقت ٻي هوندي. بدقسمتي سان اسان جي سرڪاري ادارن جو به اهڙو ئي حال آهي، سرڪاري آفيسن ۾ انگريزي ٻولي جو حد کان وڌيڪ استعمال رشوت جو سبب بڻجي رهيو آهي، گهٽ پڙهيل ماڻهو هاري، مزدور ماڻهو سرڪاري ڪاغذ انگريزي ۾ هجڻ سبب پڙهڻ کان قاصر آهن، جنهن جي ڪري عوام کي وڏي ڏکيائي پيش اچي ٿي ۽ عام ماڻهو جڏهن ڪجهه سمجهي نٿو سگهي ته پوءِ مجبور ٿي پئسا ڏئي ڪم ڪرائڻ تي زور ڏئي ٿو. جڏهن 1843ع ۾ سنڌ انگريزن جي قبضي هيٺ آئي ۽ انهن سرڪاري آفيسن جو ڪاروهنوار سنڀاليو تڏهن انهن ڏٺو ته سندن انگريزي عام ماڻهو کي سمجهه ۾ ئي نٿي اچي، عام ماڻهو ته پري جي ڳالهه، ان وقت جي ڪنهن ننڍي وڏي ڪاموري کي به انگريزي نه ايندي هئي.انگريزن ان لاءِ هڪ انصاف ڀريو فيصلو ڪيو، هنن سوچيو ته جيڪڏهن اسان لکين ماڻهن کي پنهنجي ٻولي زبردستي مڙهيون ان کان بهتر آهي ته پنهنجي ڪجهه سئو آفيسرن کي سنڌي سيکاريون، هنن اهو فيصلو ڪيو ۽ ان وقت سنڌي ٻولي کي سرڪاري ٻولي جو درجو ڏئي سنڌ جي ڪمشنر سر بارٽل فريئر هڪ حڪم نامي ۾ انگريز آفيسرن لاءِ سنڌي پڙهڻ لازمي قرار ڏنو، اسان کي گهرجي ته اسان هڪ قوم وانگر سوچيون، هڪ قوم ٿي پنهنجي تهذيب، ثقافت ۽ ٻولي جي حفاظت ڪريون، جيڪا قوم پنهنجي ٻولي جي حفاظت نٿي ڪري سگهي، اها ڌارين حڪمرانن جي رحم ڪرم تي هوندي آهي ۽ اهڙين قومن سان اهڙو ئي حال ٿيندو آهي جيڪو مغل خاندان جي آخري بادشاهه بهادر شاهه ظفر سان ٿيو هو، بهادر شاهه ظفر جو اولاد اڄ به موجود آهي، پر ڪٿي ۽ ڪيئن پيو گذاري، اهو توهان ۽ اسان لاءِ زندهه مثال آهي، توهان اڄ به انڊيا جي شهر رنگون ۾ وڃي ڏسو، ڏيگن ٽائون شپ جي ڪچين گهٽين ۾ بهادر شاهه ظفر جي نسل جا ماڻهو ملي ويندا، آخري مغل بادشاهه جو اصل اولاد اڄ سرڪار جي انتهائي مختصر وظيفي تي پلجي ٿو، ٽين جي ڊٻن جي ٺهيل گهرن ۾ بادشاهي نسل پٽ تي سمهي ٿو ۽ ان جا اڪثر ماڻهو پني کائين ٿا، اهي جيتوڻيڪ اڄ به پنهنجي پاڻ ئي شهزادا ۽ شهزاديون ئي سڏرائين ٿا ۽ سياحن کي پنهنجي ماضي جا داستان ٻڌائين ٿا ۽ سياح سندن ڳالهيون ٻڌي رحم جوڳي نظرن سان سندن هٿ تري تي ڪو سڪو رکي وڏا ٽهڪ ڏيندا گذري وڃن ٿا، مغلن جڏهن پنهنجون سڀ شيون انگريزن جي هٿ ۾ ڏنيون ۽ انهن پنهنجي ورثي جي حفاظت نه ڪئي پر انگريزن تي انڌو اعتماد ڪيو، تڏهن سندن سماجي رتبو ته ختم ٿي ويو، پر ان نسل جي هر شيءِ تباهه ٿي وئي، آئون چوڻ چاهيان ٿو ته وقتي مفادن تحت پنهنجي ٻولي ۽ قوم سميت تهذيب کي ڦٽو نه ڪرڻ گهرجي، اوهان دنيا جون سڀ ٻوليون سکو پر انهن ٻولين جو علم پنهنجي ٻولي ۾ ترجمو ڪري پنهنجي ٻارن کي پڙهايو ۽ ان گهٽتائي واري احساس مان نڪرو ته ڪو سنڌي ٻولي ترقي واري نه آهي، سنڌي ٻولي اها ٻولي آهي جنهن تي سڄي دنيا ۾ تحقيق ٿي آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ اهم اها ڳالهه آهي ته شاهوڪار ٻولي سان گڏ اسان کي پنهنجي شاهوڪار تهذيب آهي، ننڍي کنڊ ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي اهو شاعر آهي جنهن اڄ کان 300 سال اڳ اهو چيو هو ته ”جي تو پڙهي پارسي ته گولو غلام“ ڇو ته ان دور ۾ هن سنڌ ۾ حڪمرانن پارسي ٻولي کي مڙهي ان کي سرڪاري ٻولي جو درجو ڏنو هو. پر لطيف سائين پارسي پڙهندڙن کي غلام چيو هو، اچو ته ان غلامانا ذهنيت مان نڪري اچون، پنهنجي ٻولي کي ترقي وٺرايون ۽ ان ۾ دنيا جو علم پلٽيون ته جيئن اسان به ترقي ڪري سگهون ۽ اسان جا ٻار به آزاد ذهن سان تعليم پرائي سگهن. جيڪڏهن اسان جو پنهنجي ٻولي ڏانهن مثبت رويو نه رهيو ته پوءِ نارائڻ شيام جو اهو خدشو ڪٿي درست نه ٿي پوي ته
الا ائين نه ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي،
ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي.