215

پاور شو کان استعيفائن تائين پھتل اپوزيشن…!!

ليکڪ: پيار علي چانڊيو

ملڪ ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ سياسي ڇڪتاڻ واري صورتحال ڏينھون ڏينھن نوان رخ اختيار ڪندي پئي وڃي، مخالف ڌر جي اتحاد پي ڊي ايم ۾ شامل اتحادي ڌريون عوامي جلسن جي ميڙاڪن کان ويندي ھاڻ اسيمبلي ميمبرشپ تان استعيفي’ ڏيڻ لاءِ سوچي رھيون آھن، ملتان وارو جلسو ھجي يا ڪراچي ۾ عوامي سمنڊ وارو جلسو پر گهربل نتيجا نه ملڻ تي (ن) ليگ پاران 13 ڊسمبر تي لاھور واري جلسي ۾ وڏي پاور شو جي مظاھري ڪرڻ جي اميد ظاھر ڪئي آھي، نه صرف اھو جلسو ھڪ رواجي جلسو ھوندو پر (ن) ليگ اڳواڻن اھا به دعويٰ ڪري ڇڏي آھي ته عمران حڪومت جي ديوار کي ڊاھڻ جو اھو آخري ڌڪو ھوندو، (ن) ليگ واري ان دعوي’ ۾ ڪيتري سچائي ھوندي اھو وقت کان اڳ نٿو ٻڌائي سگھجي، (ن) ليگ سينيئر نائب صدر مريم نواز اتحادي ڌرين جي مشاورت سان لاھور واري جلسي کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ رابطا مھم جي سلسلي ۾ جلسا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آھن ۽ پارٽي ورڪرن ۽ ميمبرن کان ڀرپور نموني شرڪت ڪرڻ جا وچن وٺي رھي آھي ته ھاڻ آر يا پار ٿيڻ جو وقت اچي ويو آھي ۽ ساڻس ساٿ ڏيڻ جي سخت ضرورت آھي، اتحادي گروپ پي ڊي ايم ۾ شامل سياسي ڌرين جو لاھور ۾ مشوري وارو اجلاس به هي سٽون لکڻ تائين هلندڙ هوندو، جنھن ۾ قومي ايوان مان ميمبرن کان استعيفائون ڏيارڻ وارو آپشن به غور ھيٺ ھوندو ۽ لاھور واري جلسي کي وڏو پاور شو ڪرڻ لاءِ اتحادي ڌرين جو ڀرپور نموني شامل ٿيڻ پڻ نقطه پوائنٽ ھوندو، مشوري وارو اجلاس (ن) ليگ سربراھ مريم نواز جي زير صدارت ۾ ڪوٺايو ويو آھي جنھن جو خاص معاون (ن) ليگ جو سرگرم اڳواڻ راڻا ثناءُ الله  آهي، جنهن کي اتحادين کي اجلاس ۾ منشور پيش ڪرڻ جون ذميواريون سونپيون ويون آھن , اجلاس ۾ استعيفائون ڏيڻ واري سوال تي اتحادي ڌريون (ن) ليگ سان ڪيترو متفق ٿينديون اھو اجلاس بعد ئي ظاھر ٿيندو پر ڪلھوڪي  (ن) ليگ جي ڏنل استعفائن واري بيان کانپوءِ جماعت اسلامي پڻ اھڙي عمل تي غور ويچار ڪري رھي آھي , جماعت اسلامي جي امير مولانا سراج الحق ھڪ بيان ۾ چيو آھي ته جيڪڏهن اتحادين لاءِ اھو آپشن ضروري ھوندو ته اسان به استعيفائن واري صف ۾ بيھنداسين، ھوڏانھن ن ليگ جي استعيفائن واري بيان بعد اتحادي ڌڙي پ پ پ طرفان ڪو به ردعمل سامھون نه آيو آھي ۽ اھڙي آپشن تي پاڪستان پيپلز پارٽي ٻڏتر جو شڪار آھي ته (ن) ليگ جي ان آپشن تي ساڻس اتحاد ڪجي يا صرف جلسن جي صورت ۾ پاور شو تائين محدود رھجي، بهرحال جيڪڏھن اتحادي ڌرين جو عمران خان جي حڪومت کي ھٽائڻ لاءِ استعيفائن وارو آخري آپشن ھوندو ته تبصري نگارن موجب پيپلز پارٽي اھڙو موقعو ھٿان نه وڃائيندي ۽ ضرور عمران خان کان پاند آجو ڪرائڻ لاءِ ايوان جي ميمبرن کان استعيفيائون ڏياريندي پر اڃا تائين ڪا اھڙي صورتحال سامھون نه آئي آھي جو 13 ڊسمبر لاھور واري جلسي کان اڳ اتحادين کي اھڙا فيصلا ڪرڻا پون، وزير اعظم عمران خان (ن) ليگ جي تخت لاھور 13 ڊسمبر پاور شو جلسي ۽ استعيفائن واري پي ڊي ايم اتحادين جي ھم آھنگي واري بيانن بعد پنھنجي ساڳئي موقف تي قائم آھي ته جلسن ۽ استعيفائن واري مونجھارن کي ھو چڱي طرح منھن ڏيڻ ڄاڻي ٿو، ڏٺو وڃي ته حڪمرانن جي ضد سبب حالتون وڌيڪ مونجهارن طرف وڌي رهيون آهن، پي ٽي آءِ سرڪار اتحادين جي ٽيڪ تي بيٺل آهي، جيڪڏهن مخالف ڌر جي استعيفائن کانپوءِ سندس هڪ به اتحادي ڌر هيڌي هوڏي ٿي وئي ته عمران سرڪار جي ڪشتي طوفانن جي ور چڙهي ويندي سياسي تاريخ جا شاگرد ان ڳالهه جا شاهد آهن ته انائون، ضد ۽ انتقام جي نظر رکندڙ حڪمران ڪڏهن به عوامي حڪمران نه ٿي سگهيا آهن، موجوده حڪومت جي حالت به اها آهي، پنهنجن ٻن سالن دوران حڪومت ڊليور ڪجهه به نه ڪري سگهي آهي، جنهن سبب ملڪ جي عوام ۾ ان جي مقبوليت ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهي آهي ۽ عوامي سطح تي حڪومت خلاف وڌندڙ نفرت ۽ مايوسي آهستي آهستي چنگاري بڻجڻ طرف وڌي رهي آهي، جيڪڏهن حڪومت اڃا به هوش کان ڪم نه ورتو ته اها ڀڀڙ بڻجي سگهي ٿي

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو