289

اينٽي ڪرپشن کاتي مان عوام ڪيئن لاڀ حاصل ڪري سگهي ٿو..؟؟

ليکڪ: مير نادر علي ابڙو

اڄ پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ اينٽي ڪرپشن جو عالمي ڏينهن وڏي پئماني تي ملهايو پيو وڃي. انهي حوالي سان مختلف پروگرام ٿي رهيا آهن جن ۾ ڪرپشن جي حوالي سان عوام ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ جي حوالي سان ويچار ونڊيا ويندا ۽ ماڻهن کي اهو ٻڌايو ويندو ته اصل ۾ اينٽي ڪرپشن کاتو آهي ڇا؟ هن جو ڪم ڪهڙو آهي ۽ توهان انهي مان ڪهڙي نموني فائدو حاصل ڪري سگهو ٿا، حقيقت ۾ اينٽي ڪرپشن کاتو آهي ئي بي پهچ ماڻهن لاءِ پر مسئلو اهو آهي ته اهي ماڻهو اڄ ڏينهن تائين هن کاتي مان بهتر طور نتيجا ناهن وٺي سگهيا ان جو وڏو ڪارڻ اهو آهي ته هتان جو غريب ۽ اٻوجهه ماڻهو هن کاتي تائين پهچي ئي نٿو ۽ هُن کي اها خبر ناهي ته هو ڪهڙي طرح هن کاتي مان فائدو کڻي سگهي ٿو، مون اينٽي ڪرپشن جو نالو سن 1977ع ۾ ٻڌو هو جڏهن منهنجو والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اسپيشل جج اينٽي ڪرپشن سکر ڊويزن هو ۽ پاڻ اڪثر ڪچهري ۾ دوستن کي اهو چوندو هو ته جيڪر انگريز سرڪار هي اينٽي ڪرپشن کاتو نه ٺاهي ها ته سنڌ جا ڪامورا کاتا ئي هڙپ ڪري وڃن ها، مون کي ته اينٽي ڪرپشن جو جج ٿيڻ تي خبر پئي آهي ته آفيسر لکن جا لک مال غنيمت سمجهي اهڙي نموني هضم ڪيو وڃن ٿا ڄڻ ڪا سندن ابن ڏاڏن جي ميراث هجي، بابا سائين پنهنجو وارو وڄائي ويو، انهي وقت مان ٻار هئس ۽ سندن ڪيل ڳالهه چڱي طرح سمجهي نه سگهيس پر خدا جي قدرت جو 1993ع ڌاري لاڙڪاڻي مان ايل ايل بي ڪرڻ بعد مون وڪالت شروع ڪئي ته 1994ع ڌاري ايل ايل بي جي بنياد تي اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ ڀرتين لاءِ اشتهار آيو، مون پنهنجي استاد ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي چوڻ تي درخواست موڪلي ڏني، پوءِ سڀني مرحلن مان نڪرندي ميرٽ تي پاس ٿيس ٽريننگ وغيره ڪري 1998ع ۾ بحيثيت سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن شهدادڪوٽ ۾ منهنجي مقرري ٿي شهدادڪوٽ شهر منهنجو اباڻو ڳوٺ به هو غريب مسڪين ماڻهن جي مون وٽ تمام گهڻي اهميت هوندي هئي، تڏهن مونکي بابا سائين ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جا چيل مٿيان لفظ ياد پيا ۽ انهن جملن کي سمجهڻ لڳس منهنجي خيال ۾ سنڌ حڪومت جو هي واحد کاتو آهي جنهن ۾ جيڪڏهن اينٽي ڪرپشن سرڪل آفيسر نيڪ نيتي سان ڪم ڪري ته بي پهچ ماڻهن جو دعائون کيس الائي ڪٿي پهچائي ڇڏين، مان جڏهن اينٽي ڪرپشن سنڌ جي تاريخ جو ننڍي ۾ ننڍو سرڪل آفيسر هئس محنت شوق ايمانداري سان ڪم کي چمبڙي ويس ڪافي غريبن جا ڪم ته رڳو فون تي ئي چوڻ سان ڪيا، ڪنهن کي خط ته ڪنهن کي ڪارڊ ڪنهن سان گڏجي آفيسرن ڏي وڃي کين انصاف وٺرائي ڏنو، اهو سڀ ڪم مون پنهنجي دور ۾ ڪيو ۽ ڪري رهيو آهيان شهداد ڪوٽ کان پوءِ منهنجي بدلي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سرڪل آفيسر اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ۽ هاڻي ڊپٽي ڊائريڪٽر نواب شاهه شهيد بينظير آباد ڊويزن آهيان، لکڻ جو مقصد فقط اهو آهي ته اسان جي سنڌ جو عوام ڏاڍو اٻوجهه ۽ تعليم گهٽ رکندڙ آهي انهي کي اها ئي خبر ناهي ته جيڪڏهن ڪو آفيسر ظلم ۽ زيادتي ڪري ته ڪيڏانهن وڃن؟ پوءِ اهي اٻوجهه يا ته وڃي وڏيرن، ڀوتارن، سردارن پيرن ۽ ميرن جا پير وڃي وٺندا آهن يا وري ڪنهن وڪيل معرفت وڃي ڪنهن آفيس يا ڪورٽ وغيره تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، پر جيڪڏهن اهي ڀوتارن ۽ وڏيرن جي اوطاقن تي وڃڻ بدران اسان وٽ پهچن ۽ فقط هڪ سادي پني (ڪاغذ) تي ڪنهن سرڪاري آفيسر يا ملازم جي زيادتي جي حوالي سان لکي ڏين ته انهن جو ڪم هوند بنا ڪنهن منٿ ايلاز جي ٿي پوي، انهي لاءِ فقط هڪ درخواست تي اسان انڪوائري ڪري ڪي پڪا پختا ثبوت هٿ ڪري هڪدم ايف آئي آر ڪٽڻ جي لاءِ لکندا آهيون، ايف آئي آر ڪٽڻ جي اجازت پهرين گريڊ کان 8 گريڊ تائين ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر 9 گريڊ کان 16 گريڊ تائين ڊويزن ڪمشنر ۽ 17 گريڊ کان مٿين لاءِ چيف سيڪريٽري ڏيندو آهي، ايف آئي آر ڪٽڻ کان پوءِ جانچ شروع ٿي ويندي آهي ۽ اهڙي طرح هڪ دفعو وري ٻيهر پڪا پختا ثبوت هٿ ڪري پوءِ ئي ڪيس کي چالان ڪيو ويندو آهي، اسان وٽ عام پوليس وانگر لٺ واري ڳالهه ناهي، اسان وٽ آهي قلم جي ۽ حق واري ڳالهه.. مسڪين جڏهن سڀ دروازا آزمائي نا اميد ٿيندا آهن ته پوءِ ئي اسان وٽ اچي پهچندا آهن، اسان وٽ گهڻو آزار پوليس ۽ روينيو جو رهيو آهي ٻهراڙي ۾ غريبن کي پوليس لٽي ڦري ڍڳا ڍور وڪڻائي کين فقير ڪري ڇڏي ٿي، مان هتي واضع ڪندو هلان ته اسان وٽ پوليس جي خلاف ڪافي ڪيس داخل ٿيل آهن پر انهي ۾ عرضدارن کي ته پوليس آفيسر منٿون ميڙون به ڪيون آهن ۽ ڪن موقعن تي ته پوليس آفيسر پاڪ ڪتاب به کڻي عرضدارن ڏانهن ويا آهن ته مهرباني ڪري اسان سان صلح ڪيو نه ته اسان مٿان ڪيس داخل ٿيو ۽ چالان ٿيو ته اسان جون ترقيون ڪونه ٿينديون مونکي منهنجي ويجهي مائيٽ ڪامريڊ ڄام ساقي جا لفظ ياد ايندا آهن ته نادر اينٽي ڪرپشن به عدليا جي ڀيڻ اٿئي جيئن ته مان پاڻ به وڪيل رهيو آهيان عرضدار کي ڪورٽ ۾ وڃڻ لاءِ به وڪيل گهرجي غريب ماڻهن کي پيٽ پالڻ لاءِ اٽو به نه هجي ته پوءِ اهو مسڪين وڪيل صاحب جي فيس ڪٿان آڻيندو، پر جي هو اسان وٽ رڳو هڪ رپئي واري اڇي پني تي درخواست لکي ڏي ۽ پوءِ ڏسي ته انصاف ٿئي ٿو يا نه؟جيڪڏهن ماڻهن کي چڱي طرح سمجهائجي ته سنڌ ۾ اينٽي ڪرپشن کاتي کان مٿي ڪو اهڙو ادارو آهي ئي ڪونه، جيڪو بنا وڪيل جي في ۽ بغير سردارن، ڀوتارن، جاگيردارن ۽ وڏيرن جي پيرين پوڻ جي ڪم ڪري ٿو، ٻين لفظن ۾ هيئن کڻي چئجي ته هي کاتو آهي ئي غريب، مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن جو، ته پوءِ يقينن اهي ان کاتي جو در ضرور کڙڪائيندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو