178

۽ تاريخ پنهنجو پاڻ کي وري ورجائي ٿي…!!

ليکڪ: ”راز“ علي گل ڀٽو

ھي مارچ ١٩٧٧ جي ڳالهھ آھي،جڏھن شھيد ذوالفقار علي ڀٽو وزيراعظم جي حيثيت سان ملڪ ۾عام چونڊون ڪرايون ۽ وڏي ڪاميابي ماڻي ھئي، پر مخالف ڌر جي 9 جماعتي قومي اتحاد پي اين اي جي حيثيت سان انھن چونڊ نتيجن کي رد ڪندي ٻيھر عام چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي،ملڪ گير تحريڪ شروع ڪري ڇڏي هئي، ھن تحريڪ کي اندر ئي اندر مغرب ۽ آمريڪا جي وڏي حمايت حاصل ھئي، ان تحريڪ ۾ آمريڪي صدر جمي ڪارٽر ۽ پرڏيهي وزير ھينري ڪسنجر پاران ملڪ ۾وڏي پئماني تي مخالف ڌر ۾ڊالر جي ورھاست ڪئي وئي هئي، جنھن ڪري پاڪستان قومي اتحاد جي اڳواٽ منظم تحريڪ گھٽجڻ بدران وڌندي وئي ۽ پي اين اي جي اتحاد ۾ مسلم ليگ جا سڀ ڌڙا، جماعت اسلامي، جميعت علماءَ پاڪستان، جميعت علماءِ اسلام، نيشنل عوامي پارٽي، تحريڪ استقلال ۽ پاڪستان جمھوري پارٽي وغيره شامل ھيون، مسلم ليگ جي ڌڙن جي قيادت سڪندر علي شاهه پير پاڳارو، خواجا خيرالدين، سردار عبدالقيوم خان، جماعت اسلاميءَ جي اڳواڻي ميان طفيل محمد، پروفيسر غفور احمد، جميعت علماءِ اسلام جي قيادت مولانا مفتي محمود، جميعت علماءَ پاڪستان جي اڳواڻي مولانا شاهه احمد نوراني، مولانا عبدالستار خان نيازي، نيشنل عوامي پارٽي يا نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي قيادت خان عبدالولي خان ۽ شيرباز خان مزاري، تحريڪ استقلال جي سربراھي اصغر خان، جمھوري پارٽيءَ جي اڳواڻي نوابزاده نصرالله خان ڪري رھيا ھئا، پاڪستان قومي اتحاد ان وقت عام ماڻھن ۾ 9 ستارن جي نالي سان به مشھور ھو، حڪومت مخالف تحريڪ ايترو زور ورتو جو شھيد ڀٽو جھڙي عوامي ۽ جمھوري سياستدان کي به ملڪ ۾ اڌ مارشل لا ھڻڻي پئجي وئي، ۽ ڪراچي، حيدرآباد ۽ لاھور ۾مارشل لا لڳائي انتظام فوج جي حوالي ڪيو ويو هو، جنھن جي نتيجي ۾تحريڪ اڃان زور ورتو، ڊالر جي زور تي ذڪر ڪيل شھرن ۾ خونريزي ڪرائي وئي، آخرڪار دوست ملڪن خاص طور تي سعودي عرب جي ان وقت جي سفير رياض الخطيب جي ٽياڪڙيءَ سان ٻئي ڌريون ڳالھين لاءِ راضي ٿيون،ڳالھين لاءِ ٻنھي ڌرين پنھنجا پنھنجا وفد جوڙيا، حڪومتي وفد شھيد ذوالفقار علي ڀٽو، خزاني واري وزير عبدالحفيظ پيرزادو ۽ اطلاعات واري وزير مولانا ڪوثر نيازيءَ ٻڌل هو، جڏهن ته مخالف ڌر جي وفد ۾ مولانا مفتي محمود، پروفيسر غفور احمد ۽ نوابزاده نصرالله خان شامل هئا.

ڪيترين راتين ۽ ڏينھن جون ڳالھيون ٻنھي وفدن ۾ٿيون، جنھن دؤران ڪيترا لاھا چاڙھا آيا ۽ ڳالھيون ڄڻ ناڪام ٿيندي نظر آيون، ھوڏانھن پردي جي پويان آمريڪا ان وقت جي فوجي سربراهه جنرل ضياءُالحق سان اھا رٿابندي مڪمل ڪري چڪو ھو ته ڳالھين جو نتيجو کڻي ڇا به نڪري پر پيپلزپارٽيءَ کي ھر حال ۾ اقتدار تان ھٽائڻو آھي، ڇو ته آمريڪا ۽ مخالف قومي اتحاد جي ڀٽو دشمن اڳواڻن کي اھا چڱيءَ ريت خبر ھئي ته جناب ڀٽو ٻيھر چونڊن ۾به اڪثريت سان کٽي ويندو ۽ جمھوري ۽ قانوني طريقي سان کيس اقتدار کان الڳ ڪرڻ ممڪن نه ھو، ان ڪري جنرل ضياءُالحق سان ساز باز ڪري غير جمھوري طريقي سان شھيد ڀٽو کي اقتدار کان الڳ ڪرڻ جو پڪو پهھ ڪيو ويو، آخر جڏھن قومي اتحاد ۽ پيپلز پارٽيءَ وچ ۾ ڳالھيون ڪامياب ٿيون ۽ ٻيھر چونڊن جو فيصلو ٿي ويو ته 4 ۽ 5 جولاءِ جي وچ واري رات جو نھايت ئي جلديءَ ۾ جنرل ضياءُالحق بندوق جي زور تي ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪري پنھنجي محسن شھيد ڀٽو جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ۽ پيپلز پارٽي ۽ قومي اتحاد جي قيادت کي نظربند ڪري ڇڏيو، ٻئي طرف 5 جولاءِ واري رات جو ٻنھي ڌرين وچ ۾ ڪامياب ڳالھين بعد معاھدو تيار ٿي ويو ھو، 5 جولاءِ جي ڏينھن تي رڳو صحيحون ٿيڻيون ھيون، اھڙي ريت غير مرعي قوتن جمھوريت تي راتاھو ھنيون، ان کانپوءِ ھڪٻئي پويان ايشيا، آفريڪا ۽ وچ اوڀر جي ملڪن مان جمھوري حڪومتن جي تڏا ويڙھه شروع ٿي وئي، تاريخ جي ستم ظريفي ڏسو ته ان کان پوءِ سياسي پارٽين جا نسل پاڻ ۾ وڙھندا آيا، پاڪستان جو اقتدار ڪڏھن ڀٽو حامي ته ڪڏھن ڀٽو مخالف ماڻيندا رھيا، بهرحال ملڪ جي اقتدار جو محور ڀٽو جي ذات ئي رھي پر تاريخ جا فيصلا پنھنجا ھوندا آھن، جنرل ضياءُ الحق کانپوءِ پاڪستان ۾اڌورا اقتداري اتحاد جڙندا رھيا، پر ٢٠١٨ع جي چونڊن کانپوءِ تاريخ جي منصف ڀٽو جي ڪٽر مخالفن ۽ حامين کي ان صورت ۾ھڪ منچ تي گڏائي وڌو آھي جو ٻئي ڌريون ”ڀٽو زنده آھي“جا نعرا ھڻندي کيس بيقصور ۽ شھيد سڏي رھيا آھن، ان ۾اھو نسل به شامل آھي، جن جا وڏا جناب ڀٽو کي ڦاهي ڏيڻ جا سخت حامي ھئا، جن ۾ مسلم ليگ جا حامي ۽ وارث ميان شھباز شريف، مريم  نواز، عوامي نيشنل پارٽي ولي خان جو وارث اسفند يار ولي، پختون عوامي پارٽي عبدالصمد اچڪزئي جو محمود خان اچڪزئي، عطاءُالله مينگل جو فرزند اختر جان مينگل، مولانا شاهه احمد نوراني جو فرزند مولانا انس حمد نوراني، مولانا مفتي محمود جو فرزند مولانا فضل الرحمان سمورا شھيد ڀٽو جي ٽئين نسل ۽ سياسي وارث بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصفا ڀٽو زرداريءَ سان گڏ ٽين قوت جي خلاف ۽ جمھوريت جي حمايت ۾ جھيڙيندي ڀٽو زندهه آھي ۽ ڀٽو بيقصور آ جا نعرا ھڻي ۽ ٻڌي رھيا آھن، ان سڄي روداد جا شاهد گوجرانوالا، ڪراچي، پشاور، ڪوئيٽا ۽ ملتان جا عوامي ميڙ آھن، ڪالهه ڀٽو مخالف جلسا هئا ۽ اڄ اهي سڀ پارٽيون جيڪي ڀٽو مخالف هيون اهي ڀٽو حامي ميڙاڪا ڪري رهيون آهن، وقت جو مورخ ڪالهه ۽ اڄ واري اها سڄي روئداد ڏسي به رهيو آهي ۽ لکي به رهيو آهي، تاريخ ڪنهن سان به ناانصافي ناهي ڪندي، ڇو ته بيشڪ تاريخ سڀ کان وڏي منصف آھي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو