252

ملڪ ۾ وڌندڙ سياسي ڇڪتاڻ…

ايڊيٽوريل

پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي سربراهي اجلاس ۾ سمورين اتحادي ڌرين کي 31 ڊسمبر تائين قومي ۽ صوبائي اسيمبلين تان استعيفائون جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، مولانا فضل الرحمان جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ (ن) ليگ جو قائد ميان محمد نواز شريف ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي، جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري، مريم نواز ۽ اختر مينگل سميت سمورا اڳواڻ شريڪ ٿيا، اجلاس کانپوءِ مولانا فضل الرحمان پارٽين جي قيادت سان گڏ بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته 13 ڊسمبر تي مينار پاڪستان تي ئي جلسو ٿيندو ۽ جيڪڏهن رڪاوٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ملتان کان وڌيڪ خراب حشر ٿيندو، هن چيو ته جعلي وزيراعظم اڄ اهڙيون ڳالهيون ڪيون ڄڻ هو نشي ۾ هجي، اهو ڊائلاگ نه پر اسان کان اين آر او گهري رهيو آهي، هن چيو ته 31 ڊسمبر تائين اتحاد ۾ شامل سموريون پارٽيون قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن کان استعيفائون وٺنديون، هن چيو ته 9 ڊسمبر تي اسٽيئرنگ ڪاميٽي جو اجلاس ٿيندو جنهن ۾ سڄي ملڪ ۾ ڦيٿا روڪ ۽ شٽرڊائون هڙتال سميت لانگ مارچ جي تاريخ مقرر ڪئي ويندي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان سوچيو به ناهي ته گرفتاريون ڪهڙي شيءِ ٿينديون  آهن، هن چيو ته حڪومت کي فرق پئجي چڪو آهي، ڪرسي جون ڄنگهون ٿڙي چڪيون آهن، هاڻ هڪ ڌڪي جي ضرورت آهي، هن چيو ته جيڪڏهن اسان استعيفائون ڏنيون ته هنن وانگر واپس نه چٽينداسين، اسان جي تحريڪ هن پوري سسٽم ۽ ڌانڌلي جي خلاف آهي، ڌانڌلي ڪرڻ وارا پاڻ سوچين ته انجام ڪهڙو هوندو، هوڏانهن وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جيڪڏهن مخالف ڌر استعيفيٰ ڏني ته چونڊ ڪرائيندس، هن چيو ته آئون مخالف ڌر کان وڌيڪ پراعتماد آهيان، ايڊيٽرن سان ملاقات دوران وزيراعظم چيو ته لاهور جلسي جي اجازت نه ڏني اهي پر روڪينداسين به نه، هن چيو ته اپوزيشن اسان کي الجهائڻ چاهي ٿي، جيڪو جيڪو استعيفيٰ ڏيندو ان جي تڪ ۾ ضمني چونڊ ڪرائينداسين، اين آر او ۽ ڪرپشن کانسواءِ حڪومت ڳالهين لاءِ تيار آهي،  هن چيو ته جيڪڏهن نيب کي اڄ ختم ڪيون ته سموري مخالف ڌر اسيمبلين ۾ اچي ويهي رهندي، هن چيو ته ڪرپٽ پوليٽيڪل اليٽ نظام هلڻ نه پئي، پر هي نظام هلندو، مون کي خبر آهي ته وقت ڏکيو آهي پر اها به خبر آهي ته سوڀ منهنجي ٿيندي.هن چيو ته سول-ملٽري لاڳاپا سٺا آهن، اسان هڪ پيج تي آهيون، وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف وٽ دير سان وڃڻ اسان جي غلطي هئي، هن چيو ته مخالف ڌر ڀلي استعيفائون ڏئي، ڌرڻا هڻي، هن چيو ته آئون ريلين، جلسن ۽ ڌرڻن جو بادشاهه آهيان، جيڪڏهن آئون نه هوندس ته پوءِ ڪنهن کي به حڪومت ڪرڻ نه ڏيندس، سوڀ منهنجي ئي ٿيندي.

اسان سمجهون ٿا ته ملڪ جي سياسي صورتحال ڇڪتاڻ طرف وڌي رهي آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ عوام جي بيچيني به وڌي رهي آهي، ڇو ته حڪومت توڙي مخالف ڌر ٻئي پنهنجي پنهنجي موقف تي ڄمي بيٺل آهن، اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن وڌيڪ سخت احتجاج شروع ٿيو ته ان سان حڪومت کان وڌيڪ نقصان ملڪ جو ٿيندو، ان ڪري بهتر اهو آهي ته ڪا مفاهمت ۽ وچ واري راهه ڪڍي وڃي، دنيا ۾ ڏکئي کان ڏکيا مسئلا ڳالهين ذريعي ئي حل ڪيا ويا آهن ۽ پاڪستان ۾ اڳ به ان قسم جي صورتحال پيدا ٿيندي آئي آهي ۽ ان کي ڳالهين ذريعي حل به ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن مخالف ڌر گڏيل استعيفائون ڏنيون ته پوءِ ضمني چونڊ ممڪن نه ٿيندي ۽ ان سان پوري سسٽم جي تڏا ويڙهه ٿي سگهي ٿي، ان ڪري سمورين سياسي ڌرين کي ويهي هڪ اهڙو  فارمولو طئه ڪرڻو پوندو، جنهن سان مستقبل ۾ اهڙي صورتحال کان بچي سگهجي، ٻي صورت ۾ اها مهم جوئي ڪڏهن به ختم نه ٿي سگهندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو