300

خالد مقبول صديقي ڏانهن…

ليکڪ: اياز لطيف پليجو

نسل پرست ۽ تعصب پرست ذھن ۽ نفرت جي سياست ڪندڙ پارٽي جي اڳواڻ خالد مقبول صديقي جيڪا ٻولي ڳالھائي آھي، اهڙي قسم جي نسل پرست ۽ تعصب پرست زبان شايد منگولن به عربن جي خلاف استعمال نه ڪئي هوندي. شايد هٽلر فرانس لاءِ به استعمال نه ڪئي هوندي، شايد اهڙي زبان برما ۾ روهنگيا جي خلاف استعمال ٿيندي هجي. بوسنيا جي ڪاسائي شايد استعمال ڪئي هجي ته ”تنهنجي پي جو شهر آهي ڪيئن آيو آهين ۽ ڪنهن جي اجازت سان آيو آهين“ جن ماڻهن کي سنڌين پناھ ڏني، پنهنجا دامن وسيع ڪيا ۽ مهمانن کي ڀليڪار ڪيو ۽ مهمان اچي چوي اوهان ڪنهن جي اجازت سان ڪمري ۾ داخل ٿيا آهيو ۽ اهو مهمان چوي ٿو ڪنهن جي مرضي سان ڪراچي ۾ آيا آهيو ۽ وارننگ ڏيان ٿو ڇا اهڙي وارننگ جو تصور ٿي سگهي ٿو؟ پئرس ۾ ڪو چوي فرينچ ھتي ڇو آيا آھن، ڊچ جا ماڻهو ايمسٽرڊم ڇو ۽ ڪيئن آيا؟ اوهان مراٺيو ممبئي ۾ ڪيئن آيا؟ آمريڪن شهري اوهان هيوسٽن ۾ ڪيئن داخل ٿيا آهيو؟ عربو اوهان ابوظهبي ۾ ڪيئن آيا آهيو؟ ابوظهبي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اوهان کي مون کان اجازت وٺڻي پوندي، اهي ڪير ماڻهو آهن اهي ڪير آهن جو اهڙي زبان پيا استعمال ڪن؟ هي اهي ئي ماڻهو آهن جن بلديا فيڪٽري ۾ سوين ماڻهن کي ساڙي ماري ڇڏيو، هي اهي ئي ماڻهو آهن جن نشترپارڪ ۾ سني تحريڪ کي اڏايو هو، هي اهي ئي ماڻهو آهن جن 12 مئي ۽ 22 مئي تي هٿين خالي ماڻهن کي گولين جو نشانو بڻايو، تڙپندي زخمين کي ڇڏي ڏنو، هي اهي ليڊر آهن جيڪي مڪون ڏيکاري چوندا هئا اوهان کي هلائي ڇڏينداسين، هي اهي ئي آهن جن نصيرالله بابر کي مخاطب ٿي چيو هو تنهنجي سائز جي ٻوري ٺهي چڪي آهي، هي اهي ئي ماڻهو آهن جن وڪيلن کي سندن آفيس ۾ زنده ساڙيو هو، هي ماڻهو وري ڳالھه ڪن ٿا امن جي، خدمت جي، هي ماڻهو ڳالهھ ڪن ٿا ترقي جي، ڇا حشر ڪري ڇڏيو اٿن ڪراچي جو؟ هن پارٽي ڪراچي جي تعليم جو ڇا حشر ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن کان 1987 کان هي اقتدار ۾ آيا آهن، بلدياتي، صوبائي ۽ قومي اليڪشن جي سيٽن تي آيا آهن، ان وقت ڪراچي يونيورسٽي ٽاپ تي هئي، هاڻ لاهور يونيورسٽي ٽاپ تي آهي، سنڌ جون ٻيون يونيورسٽيون اڳيان آهن، لمس ٽاپ ڏهن يونيورسٽين ۾ آهي، اسرا ٽاپ ڏهن يونيورسٽين ۾ آهي، ايگريڪلچر ٽنڊوڄام ٽاپ پنج يونيورسٽين منجهان آهي، بزنس جي شعبي ۾ سکر آئي بي اي ٽاپ تي آهي، زيبيسٽ ٽاپ ڪري رهي آهي ۽ جيڪي ڪراچي جون ٽاپ يونيورسٽيون هيون اهي اڄ پوئتي آهن، مهراڻ يونيورسٽي اڳيان آهي ۽ اين اي ڊي پويان هلي وئي، ڪراچي جي تعليمي ادارن ۽ ڪاروبار کي اوهان تباھ ڪري ڇڏيو آهي، ھر دور ۾ اوهان وٽ اقتدار هئو، اوهان ڪراچي کي لاشن جو مرڪز ٺاهي ڇڏيو، اوهان جي شاگرد ونگ استادن تي تشدد ڪيو، انهن کي ماريو ۽ شاگردن کان تعليم ۽ ميرٽ ڦري ورتو، اسان جا اردو ڳالهائيندڙ ڀائر جن جا ٻار هوشيار هئا، هر فيلڊ ۾ اڳيان هئا، اوهان 1987 کان پوءِ انهن جو ميرٽ ڦري ورتو، هي زبان استعمال ڪن پيا سنڌين لاءِ ڪڏهن ڪڏهن پاڻ پنهنجي اردو ڳالهائيندڙن ڀائرن لاءِ استعمال ڪن پيا، ان ئي زبان تي اوهان بندش وڌي هئي، نواز شريف، چوڌري افتخار ۽ عمران خان تي ان ئي زبان سان اوهان بندش وڌي هئي نصيرالله بابر تي ۽ اوهان حڪيم سعيد تي گوليون هلايون هيون، اها ئي دهشتگردن واري زبان ۽ ان ئي زبان جو استعمال ڪندي صلاح الدين تڪبير جي ايڊيٽر کي قتل ڪيو هو، اوهان کي ذري جيترو به حياءُ ڪون ٿو اچي اوهان پنهنجي ماڻهن کي ئي ماري ڇڏيو، اوهان ٻين تي ٿا ڳالهايو، فلاڻو ڊي سي فلاڻو ايس ايس پي هتي ڇو آيو آهي؟ لاڙڪاڻو، شڪارپور ۽ ٿر مان جيڪي اچن ٿا، اوهان حڪيم سعيد جهڙي پڙهيل لکيل ماڻهو کي قتل ڪري ڇڏيو، اوهان صلاح الدين کي ماريو، اوهان پنهنجي ئي پارٽي جي عظيم الدين طارق کي قتل ڪري ڇڏيو، جيڪو ليڊر چوي ٿو فلاڻو ڊي سي ڪراچي ڇو آيو آهي، ان عظيم  طارق لاءِ هڪ لفظ ڳالهايو، هڪڙو لفظ ڳالهائين عمران فاروق جي قتل تي، ٻين پارٽين کي ڇڏيو اوهان پنهنجي ئي پارٽي جي ماڻهن کي گولين جو نشانو بڻايو، ايم ڪيو ايم حقيقي جي ماڻهن کي اوهان قتل ڪيو،اي پي ايم ايس او جي ماڻهن کي، پاڪ سرزمين، پي ٽي آئي، جماعت اسلامي جي ڊاڪٽر پرويز جهڙن ماڻهن کي اوهان بيدردي سان قتل ڪيو، شهيد نواز ڪنراڻي، شھيد غزالا بتول صديقي کي ڇڏيو پر اوهان پنهنجي ئي ماڻهن کي قتل ڪيو، ۽ اوهان وري چئو ٿا اسان جي پاڙي ۽ پارڪ ۾ فلاڻو ماڻهو ڪيئن آيو؟ اوهان ڪهڙي قسم جون ڳالهيون ٿا ڪيو؟ هڪ ٻئي کي جوڙڻ جون ڳالهيون ڪيو، اردو ڳالھائيندڙ اسان جا ڀائر آھن پاڻ کان الڳ ڪون ٿا سمجهون، هو اسان جو حصو آهن، اسان ته اها ڳالھه ڪون ٿا ڪيون اوهان ٻيو نمبر نمائندگي وارا آهيو، اوهان ته چاهيو ٿا انتهاپسندي واري ڳالهھ ڪري ماڻهن ۾ ٽڪراءُ پيدا ڪجي، اسان انڊس سولائيزشن جا ماڻهو سمجهون ٿا هي قائم خاني، خانزادا، آرائين، راجپوت هي اسان جو حصو آهن، اهي اردو ڳالهائيندڙ اسان جا ڀائر آهن، جيڪي سکر، حيدرآباد، ميرپورخاص، نواب شاھ ۽ ٻين شهرن ۾ رهن ٿا اهي سڀ ۽ بلوچ، پشتون اسان جا ڀائر آهن، اسان جو حصو آهن، سنڌين ۾ به ٻه نمبر ماڻهو ڪرپٽ ۽ ڏوهاري هوندا، هر قوم ۾ هوندا آهن، پر اوهان ٽارگيٽ ڪري سڄي قوم کي نشانو ٿا بڻايو، اوهان فاشسٽ ماڻهو جيڪو ڪجهھ ڪري رهيا آهيو، ان ڪري سڄو پاڪستان ڀوڳي پيو. اوهان ڪهڙي چيئرٽي جي ٿا ڳالهھ ڪيو اوهان نالو ٻڌو آهي جهان خان کوسو، اين جي وي هاءِ اسڪول ڪنهن ٺاهيو، هي سنڌ مدرسةالاسلام ڪنهن ٺاهيو، اوهان هتي هئا ئي ڪونه، حسن علي آفندي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، علامه آءِ آءِ قاضي، غلام مصطفي شاھه، مرزا قليچ بيگ، شمس العلما، علامه محمد عمر دائودپوٽو، رسول بخش پليجو، جي ايم سيد، حيدربخش جتوئي هي ڪير ماڻهو هئا، شيخ اياز جنهن علم لاءِ پنهنجو تن من ڌن ۽ پنهنجا وسيلا نڇاور ڪري ڇڏيا، ديوان واڌومل جهڙا ماڻهو هئا، اوهان ته مڊل ڪلاس جي ماڻهن کي ڌڪي ٻاهر ڪڍي قبضو ڪري ويهي رهيا، ديوانن جي ملڪيتن تي ڪوڙيون دعوائون ڪري قبضا ڪري ڇڏيا، پڙهيل لکيل ۽ سٺي خاندانن سان تعلق رکندڙ اردو ڳالهائيندڙ کي ڏھ سيڪڙو به حصو ڪونه مليو هوندو، نوي سيڪڙو انهن کي مليو جن ڪوڙيون دعوائون ڪيون ۽ قبضا ڪيا جنهن جي ڪري مڊل ڪلاس جي ملڪيتن تي قبضي جي ڪري ڪاروبار اوهان جي هٿن ۾ آيو، اهو ايئن آهي جيئن آمريڪا ۽ ٻين ملڪن جي ماڻهن ملڪيتن تي قبضو ڪري اتان جي ماڻهن کي بيدخل ڪجي ته پاڻمرادو ڪاروبار قبضو ڪندڙن جي هٿ ۾ اچي ويندو، لياقت علي خان اوهان کي سپورٽ ڪئي ۽ اي وي ڪيوز لا ۾ اوهان قبضو ڪري ورتو. اوهان ٻين ملڪن مان ايندڙ ماڻهن کي ڀليڪار ڪيو ٿا، فقط سنڌي ماڻهن جي نفرت ۾ بنگالين، بهارين ۽ افغانين سان خوش ٿا ٿيو، فقط سنڌين سان نفرت آهي اوهان کي. اوهان ڀاءُ بڻجي رهو ڪراچي اسان سڀني جو آهي، ڪراچي سنڌ جو تخت گاھ آهي، اوهان جيڪي حرڪتون ڪيو پيا ٽڪراءَ پيدا ڪرڻ ۽ ڀڙڪائڻ واريون حرڪتون نه ڪيو، جنهن جا نتيجا اوهان پهرين ڀوڳي چڪا آهيو، اوهان جي ٿوري ڪن مهٽ ٿئي ٿي ڀڄي ٿا وڃو، اوهان کي ڪير لَڪڻ ٿو ڏيکاري ته اوهان پنهنجي پارٽي جي ليڊر کي ڇڏي ڀڄي ٿا وڃو، ڪڏهن اوهان لنڊن، ڪڏهن بهادر آباد جي اڳواڻن ته ڪڏهن ناظم آباد جي ليڊرشپ ڏي ڀڄي ٿا وڃو، اوهان آهيو ڪير اوهان کي پڇي ڪير ٿو؟ اوهان هينئر ڪهڙي سائيز ۾ آهيو اها خبر هجڻ گهرجي اوهان کي اوهان پنهنجي ليڊر کي لبيڪ لبيڪ ۽ نهي ڀائي نهي ڀائي چوندا هئا هاڻ ڪٿي آهي اوهان جو ليڊر، اوهان وٽ نه مذهب جي اهميت آهي، نه ڪلچر جي، نه انسانيت جي نه وطن جي ۽ نه پارٽي ڪميٽمينٽ، اوهان هڪ ڇسي آهيو هڪ رات هيڏاهن هڪ رات هوڏانهن، اردو ڳالهائيندڙ شاندار ماڻهو آهن، اردو رڳو اوها جي آهي ڇا يا رڳو اردو ڳالهائيندڙ اوهان جا آهن، اوهان ڪير آهيو اردو زبان تي حق جتائڻ وارا؟ اوهان فيض احمد فيض جا پرستار آهيو، فيض ته پنجابي هو، ڇا اوهان احمد فراز کان وڌيڪ اردو جا علم بردار آهيو فراز ته پشتو ڳالهائيندڙ هو، اوهان کان وڌيڪ شيخ اياز اردو ۾ڪتاب لکيا، رسول بخش پليجو، حيدربخش جتوئي، سوڀو گيانچنداڻي اردو جا پرستار هئا، اوهان اردو جا وارث ڪونه آهيو نه ئي اردو ڳالهائيندڙن جا پر آئون آهيان، ڪنهن به اردو ڳالهائيندڙ ڀيڻ، ڀاءُ ٻارسان زيادتي ٿيندي آئون آواز اٿاريندس ۽ انصاف لاءِ جدوجهد ڪندس، اوهان اردو ڳالهائيندڙن جا چيمپيئن نه بڻجو، نه ئي هڪ ٻئي سان وڙهائڻ جي ڪوشش نه ڪيو، اردو ڳالهائيندڙ ڀائرن کي اوهان اڪيلو نه ڪيو، انهن ۾ درجنين، هزارين ۽ لکين سٺا ماڻهو موجود آهن، اديب رضوي، تاج حيدر، انيس هارون، اقبال حيدر، ڪرامت علي سان اسان ڇو محبت ڪندا آهيون ڇو ته اهي نفرتن کان پري آهن، اسان جي جلسن پروگرامن ۾ ايندا آهن، اهي سنڌي، پاڪستاني، سن آف سوائل آهن، اوهان جي هڪ هٺي ختم ٿيندي ۽ نيون ڪانسٽيٽيونسيون ٺهنديون، اوهان ڳولين ڪونه لڀندا، آئون اوهان کي خبردار ٿو ڪيان ته نفرتن جي سياست نه ڪيو، ڏار وجهڻ جي ڪوشش نه ڪيو. اسان سنڌي قوم سڀ هڪ ٻئي سان جڙيل آهيون، اردو ڳالهائيندڙ اسان جا ڀائرآهن، اوهان عالمي يا مقامي طاقتن يا اسلام آباد مان ڪنهن اشاري تي اهڙيون حرڪتون ڪيو پيا، انهن کان باز اچو، اسان پرامن ماڻهو آهيون ديوار سان لڳائڻ جي ڳالهه ڪندا ته ست ڪروڙ سنڌي مزاحمت ڪندا، اسان ارغونن ۽ ترخانن کي شڪست ڏني، اوهان ڇا آهيو؟ اسان پنهنجي ڌرتي تي ئي هوندا سين اوهان پنهنجي خواب ۽ خيال مان اها ڳالهه ڪڍي ڇڏيو ته سنڌين ڪچلي توهان بادشاهي ڪندا، اها دماغ مان هوا ڪڍي ڇڏيو، آئون حڪومت کان پڇان ٿو ته اهڙي نفرت واري زبان ڳالهائڻ واري تي ڪيس داخل ڇو نٿا ٿين، خاموش ڇو آهي، جيڪي سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن لاءَ نفرت واري ٻولي ڳالهائين انهن تي فورن ڪيس داخل ٿئي، اردو ڳالهائيندڙ ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ سان ناانصافين جو فورن ازالو ڪيو وڃي، ڪراچي ۾ رهندڙ سڀني کي پنهنجو پورو حق ملڻ گهرجي، اچو گڏجي ڪراچي جو عروج واپس ڪرايون، روشنين جو شهر بڻايون، جتي امن هجي ميرٽ هجي ۽ ڀائيچارو هجي.

(قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي جي پريس ڪانفرنس جو مڪمل متن)

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو