242

لاڙڪاڻي ۾ 2 شاگردياڻين سان لڄالٽ جا جوابدار نه پڪڙيا، ڊي آءِ جي نوٽيس ورتو، ايس ايڇ او معطل

لاڙڪاڻو (رپورٽ: اياز ساريو) لاڙڪاڻي ۾ اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻيل ٻن شاگردياڻين جا جوابدار گرفتار ڇو نه ٿيا، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺاڻ نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او رحمت پور امداد شر کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. ڇوڪرين جي وارثن پاران پوليس تي بي اعتمادي ظاهر. راڄوڻي لاءِ دٻاءُ. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي شهر جي رحمت پور ٿاڻي جي حد ۾ ٻن شاگردياڻين سان مبينا طور اجتماعي لڄالٽ ٿيڻ واري واقعي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب ايس ايڇ او رحمت پور امداد شر کي نااهلي تي معطل ڪري ڇڏيو. گينگ ريپ جو نشانو بڻيل شاگردياڻي مومل جي والد فدا حسين ڀٽو پوليس جي جاچ تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي چيو آهي ته پوليس مان انصاف جي ڪا به اميد ناهي، ڇو ته هن وقت تائين جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪيو ويو. هن چيو ته جوابدار ڌر طرفان راڄوڻي ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي، ڪنهن به صورت ۾ نه ته ڪيس تان هٿ کڻندس ۽ نه ئي راڄوڻي ڪندس، هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سندس نياڻي ۽ ان جي سهيلي سان زيادتي ڪندڙ جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي. ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو، ڇو ته ايڏي وڏي زيادتي ٿيڻ کانپوءِ خاموش ويهي نه ٿا سگهون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو