اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) پي ڊي ايم حڪومت جي خلاف اسلام آباد ڏانهن جنوريءَ جي آخري هفتي ۾لانگ مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اهڙو فيصلو پي ڊي ايم جي اسٽيرنگ ڪميٽي جي گڏجاڻي ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ مولانا فضل الرحمان، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ مريم نواز ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ذريعن موجب پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان اسيمبلين مان استعفائون ڏيڻ جو معاملو ايندڙ مرحلي تي ڇڏي ڏنو ، جڏهن ته بلاول ڀٽو پڻ استعفائن جو معاملو پارٽي اجلاس تي ڇڏي ڏنوآهي. جڏهن ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته حڪومت کي گهر موڪلڻ لاءِ استعفا سميت هر جمهوري طريقي جو هٿيار استعمال ڪنداسين. اربعا ڏينهن اسلام آباد ۾ مولانا فضل الرحمان جي رهائش تي اجلاس دوران لاهور واري جلسي سوڌو اهم معاملن تي صلاح مشورا ڪيا ويا. ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان استعفائن جو معاملو ايندڙ مرحلي تي ڇڏي ڏنو، اجلاس ۾ حڪومت جي خلاف اسلام آباد ڏانهن جنوريءَ جي آخري هفتي ۾لانگ مارچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، لانگ مارچ کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽرز، وڪيلن، واپارين ۽ هارين سان رابطن جو فيصلو پڻ ڪيو ويو. ٻي پاسي ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته اهو پوءِ طئي ڪنداسين ته استعفائون ڪڏهن ڍال ڪري اهي انهن جي مٿي تي هڻڻيون آهن، هنن اسيمبلين ذريعي سينيٽ جون چونڊون ٿيون ته اهي جعلي ئي ٿينديون، هن وڌيڪ چيو ته اسٽيبلشمينٽ اڃان به حڪومت جي محافظ ٿيل آهي، موجوده حڪومت کي آئيني ۽ جمهوري تسليم ئي نٿا ڪريون. مولانا وڌيڪ چيو ته سينيٽ جو اليڪٽورل ڪاليج ٽوڙڻ جي لاءِ حڪمت عملي ٺاهي رهيا آهيون، هنن اسيمبلين ذريعي سينيٽ جون چونڊون ٿيون ته اهي جعلي ئي ٿينديون، هاڻوڪي حڪومت جمهوريت کي دفن ڪري ڇڏيو آهي، حڪومت مينارِ پاڪستان کي ڊيم ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جلسو روڪيو ويو ته ٻيو ۽ ٽيو نمبر آپشن استعمال ڪيا ويندا، استعفا سان گڏ ڊويزنل هيڊڪوارٽرز ۾ مظاهرن، پوري ملڪ ۾شٽر بند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال وارن آپشنز تي به مشورا جاري رهندا. ان موقعي تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو ته موجوده حڪومت ۽ اُن جي سهولتڪارن کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ نڪتا آهيون، حڪومت کي گهر موڪلڻ لاءِ هر جمهوري طريقي جو هٿيار استعمال ڪنداسين، پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پي ڊي ايم ۾ شامل مخالف ڌر جون 11پارٽيون هڪ پيج تي آهن. پاڪستان مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو ته مولانا فضل الرحمان پي ڊي ايم جا فيصلا تفصيل سان ٻڌائي ڇڏيا آهن، مينارِ پاڪستان تي جلسو ضرور ٿيندو ۽ ڀرپور به ٿيندو.
310