234

ڄامشورو ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي 4 هائوسنگ اسڪيمن کي غيرقانوني ڄاڻائي سيل ڪري ڇڏيو

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) ڄامشورو ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي 4 هائوسنگ اسڪيمن کي غيرقانوني ڄاڻائي سيل ڪري ڇڏيو آهي. اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ارشد قريشي جي اڳواڻي ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ٽيم ڄامشورو جي مختلف علائقن ۾ ڪارروائي ڪندي غيرقانوني هلندڙ هائوسنگ اسڪيم سنگم سٽي فيزون، ڊائمنڊ سٽي، مڪا ٽائون ۽ الرحمان گارڊ سٽي کي غيرقانوني ڄاڻائي اسڪيمون سيل ڪيون. ان سلسلي ۾  سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ارشد قريشي جو چوڻ هو ته  ڄاڻايل هائوسنگ اسڪيمن سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کان اين او سي نه ورتي وئي هئي، سندن مالڪن کي ڪيترائي ڀيرا نوٽيس موڪليا ويا هئا پر ان تي عمل نه ڪيو ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو