ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) قديمي ڳوٺن يوسف کوسو ۽ مصري کوسو کي لنگهه نه ڏيڻ تي رهواسين پاران لمس ۽ سنڌ يونيورسٽي خلاف انڊس هاءِ وي تي هنيل ڌرڻي واري ڪيس ۾ نامزد ڄاڻايل 16 ڄڻن مان 12 ڄڻن ضمانتون ڪرائي ورتيون آهن. ڪيس ۾ نامزد جوابدار ظفر بليدي، گلزار چانڊيو، شمن بليدي، جهانگير کوسو، اين بي کوسو، حق نواز برهماڻي، زوار ثابت اعواڻ، سليمان ڀلائي، حڪيم کوسو، بابو بليدي، عثمان چانڊيو ۽ جوشيلو سنڌي سيشن ڪورٽ جي جج نوشاد مغل جي عدالت ۾ پيش ٿيا، جج 12 ڄڻن جو 10_10 هزار رپين جي مچلڪن عيوض عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. ڳوٺاڻن گذريل ڏينهن لمس ۽ سنڌ يونيورسٽي انتظاميا خلاف ڳوٺن کي رستو نه ملڻ خلاف انڊس هاءِ وي تي 2 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو هو، جنهن تي ڄامشورو پوليس 40 ڄڻن تي انڊس هاءِ وي بند ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو هو، جنهن ۾ 16 نامزد ۽ 24 نامعلوم ڄاڻايا ويا هئا.
