نوابشاهه (بيورو رپورٽ) پوري ملڪ جيان ضلعي شھيد بينظيرآباد ۾ پڻ ڪرپشن جي خاتمي جو عالمي ڏينھن ملھايو ويو. ان سلسلي ۾ اينٽي ڪرپشن کاتي شھيد بينظيرآباد پاران ڪورنا وائرس جي موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي ھڪ محدود پئماني تي شيراز چوڪ کان پريس ڪلب نوابشاهه تائين ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن شھيد بينظيرآباد مير نادر علي ابڙو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي پڄاڻي تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن مير نادر علي ابڙو چيو ته اڄ پوري دنيا ۾ ڪرپشن جي خاتمي جو عالمي ڏينهن ملھايو پيو وڃي، جڏھن اقوام متحدہ محسوس ڪيو ته پوري دنيا ۾ ڪرپشن وڌندي پئي وڃي ان ڪري ھر سال تي 9 ڊسمبر کي انٽرنيشنل اينٽي ڪرپشن جو ڏھاڙو ملھائڻ لاءِ ڏينھن مقرر ڪيو ويو ته جئين عوام کي ڪرپشن جي خاتمي لاءِ آگاھي فراھم ڪري سگھجي. ھن وڌيڪ چيو ته بدعنواني اسان جي قوم جي مفادن خلاف ڏوھه آھي جنھن کي ختم ڪرڻ جو واحد حل ئي ڪرپشن خلاف متحد ٿيڻ آھي. ھن وڌيڪ چيو ته عوام کي اينٽي ڪرپشن کاتي بابت ڄاڻ گھٽ ھئڻ ڪري ھو آساني سان ڦرجي رھيا آھن، ڪرپشن جي خاتمي لاءِ اينٽي ڪرپشن کاتي سان سھڪار ڪيو وڃي. ھن چيو ته ڊويزن جي ٽنھي ضلعن سانگھڙ،نوشھروفيروز ۽ شھيد بينظيرآباد ۾ اينٽي ڪرپشن کاتي جون آفيسون قائم آھن، ڪرپشن جي خاتمي بابت آگاھي فراھم ڪرڻ لاءِ ڪجھ ڏينھن اڳ شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شھيد بينظيرآباد ۾ آگاھي سيمينار ۽ ريلي منعقد ڪئي ھئي ته جئين نوجوان نسل خاص ڪري شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڪرپشن جي خاتمي بابت آگاھي فراھم ڪري سگھجي. ھن عوام کي اپيل ڪئي ته جيڪڏھن ڪوبه عملدار پيسا گھري يا ترقياتي ڪم ۾ غير معياري مٽيريل استعمال ڪري تي ان متعلق اوھان صرف سادي پني تي ھڪ درخواست لکي اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ جمع ڪرايو، ڪرپشن جي شڪايت جو جائزو وٺڻ بعد قانون مطابق ڪارروائي ڪئي ويندي آھي.
333