دادو(ن سوڀ) دادو ۾ سماجي تنظيم ليگل رائٽس فورم پاران ٻارڙن کان جبري پورهيو جي روڪٿام لاءِ ليڊيز پارڪ کان پريس ڪلب تائين جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ ٻارڙن سميت سماجي ڌرين هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي ٻارڙن جي حقن لاءِ سخت نعري بازي ڪئي. ريلي ۾ شريڪ ليگل رائٽس فورم جي اڳواڻن عمران ڀنڊ، ٻالڪ ڊوليپمينٽ آرگنائزيشن جي اشرف پسيو، احمد خان لنڊ ۽ ٻين چيو ته پوري ملڪ سميت دادو ۾ ڪورونا وائرس کانپوءِ ٻارڙن کان جبري پورهئي وٺڻ واري غيرقانوني عمل ۾ انتهائي گهڻي واڌ ٿي آهي، غربت سبب والدين ٻارڙن کي گهٽ اجرت ۾ مزدوري ڪرائي رهيا آهن، شهر اندر ننڍي عمر جي ٻارڙن پاران رڪشا هلائڻ، سرن جي بٺن، بيڪرين، شوروم ۽ گيراجن تي ٻارڙن کان جبري پورهيو ورتو پيو وڃي، جيڪو ٻارڙن جي زندگي لاءِ به خطرناڪ عمل آهي ۽ ٻارڙن کان جبري پرهئي وٺڻ سبب انهن جي تعليم پڻ تباهه ٿي رهي آهي. اڳواڻن چيو ته دادو ۾ ليبر ايڪٽ تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ ليبر ڊپارٽمينٽ پاران چائلڊ ليبر آفيسر پڻ ڪافي عرصي کان مقرر نه ٿي سگهيو آهي، جنهن سبب ڪا به ڪارروائي عمل ۾ نه ٿي اچي. ريلي ۾ سماجي اڳواڻ نياز چانڊيو، ارباب رستماڻي، فنڪار آزاد ڀٽو، چائلڊ پروٽيڪشن يونٽ آفيسر سيد هدايت علي شاهه، سوشل ويلفيئر جي وحيد سميجو ۽ سسئي سولنگي پڻ شرڪت ڪئي.
207