ميرپورخاص (ن سوڀ) اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپورخاص ۽ ايڊمنسٽريٽر ميونسپل ڪاميٽي ڊاڪٽر شاهده پروين ڄامڙو چيو آهي ته جيڪا همت حوصلو ۽ خصوصيت توهان ۾ آهي اها عام ماڻهن ۾ نه آهي، توهان کي صرف رهنمائي جي ضرورت آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن خصوصي ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان ميرپورخاص يوٿ اسپورٽس ڪاميٽي پاران معذورن جي اعزاز ۾ گامه اسٽيڊيم ميرپورخاص ۾ منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ايڊ منسٽريٽر ميرپورخاص چيو ته توهان کي پنهنجي زندگي ۾ نيڪولس جيمز جهڙن ماڻهن کي پنهنجو روڊ ماڊل ٺاهڻ گهرجي، جنهن معذور هئڻ باوجود دنيا گهمي ۽ ماڻهن کي تعليم ڏني. هن چيوته ضلعي انتظاميا سان گڏجي توهان سان هر ممڪن سهڪار ڪيو ويندو، توهان جا سلسلي وار سڀ مسئلا حل ڪيا ويندا، اها تمام خوشي جي ڳالهه آهي ته معذور هجڻ باوجود توهان خصوصي ٻارن ۽ عام ٻارن لاءِ هنري سکيا تي ڪم ڪري رهيا آهيو، جنهن سان اهي ٻار معاشي طور مضبوط ٿيندا.
277