ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان ۾ آمريڪي فوج شهرين جي جاني نقصان ۾ اضافي بابت رپورٽ کي هڪ طرفي قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو آهي. ان رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته افغانستان ۾ پينٽاگون جي جنگي ضابطه ڪار ۾ نرمي کانپوءِ آمريڪا ۽ ان جي اتحادي ملڪن جي فضائي حملن ۾ شهرين جي جاني نقصان ۾ اضافو ٿي ويو آهي. بران يونيورسٽي جي جنگي خرچ منصوبي جي رپورٽ مطابق 2016ع کان 2019ع تائين آمريڪا جي طالبان خلاف فضائي حملن ۾ مارجي ويل شهرين جي انگ ۾ 330 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. ان جو سبب اهو ٻڌايو ويو آهي ته آمريڪا افغانستان ۾ پنهنجي فوجين جي انگ ۾ گهٽتائي کانپوءِ هوائي حملن جي طئي ٿيل معيار ۾ نرمي ڪري ڇڏي آهي. ان پراجيڪٽ جي شريڪ ڊائريڪٽر نيٽا سي ڪرافورڊ جو چوڻ آهي ته گذريل سال افغانستان ۾ هوائي حملن ۾ 700 شهري مارجي ويا هئا. اهو انگ آڪٽوبر 2001ع ۾ جنگ جي شروعات کانپوءِ هڪ سال ۾ سڀني کان وڌيڪ آهي. پر افغانستان ۾ آمريڪي فورسز جي ترجمان ڪرنل سوني ليگيٽ چيو آهي ته اهو تجزيو هڪ طرفه آهي، ان ۾تڪراري ڊيٽا تي ڀاڙيو ويو آهي ۽ طالبان ۽ داعش جي حملن ۾ شهرين جي مارجڻ کي نظر انداز ڪيو ويو آهي. سوني ليگيٽ افغان سيڪيورٽي فورسز جي ڪاروائين جو پڻ دفاع ڪندي چيو آهي ته اهي شهرين جي مارجڻ کان بچڻ لاءِ غير معمولي ڪوششون ڪري رهيون آهن.
