تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني صدر حسن روحاني چيو آهي ته سندس ملڪ طرفان شام جي حمايت جاري رهندي. هن اها ڳالهه شامي پرڏيهي وزير فيصل مقداد سان تهران ۾ هڪ ملاقات دوران ڪئي. صدر روحاني شامي حڪومت تي زور ڏنو ته والاريل گولان جي جبلن ۾ اسرائيل خلاف مزاحمتي تحريڪ جاري رکي ويندي. نومبر ۾ ٻيهر پرڏيهي وزير جو عهدو سنڀالڻ کان پوءِ فيصل مقداد جو اهو ايران جو پهريون دورو آهي.
311