229

هرحال ۾ مينارِ پاڪستان وٽ جلسو ٿيندو، حڪومت کي گهر موڪلڻ لاءِ هر طريقو استعمال ڪنداسين: بلاول ڀٽو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان بلاول ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز وچ ۾ اهم ملاقات ٿي آهي، ملاقات ۾ پي ڊي ايم جي فيصلن تي عمل درآمد، استعيفائن جي طريقيڪار، اسلام آباد طرف لانگ مارچ ۽ 13 ڊسمبر تي لاهور واري جلسي بابت صلاح مشورا ڪيا ويا.ان کانپوءِ اڳواڻن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي 13 ڊسمبر تي لاهور ۾ ڀرپور نموني سان جلسو ڪوٺائڻ واري عزم کي ورجايو. پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته اڄ ملڪ ۾ جمهوريت ناهي پر آمريت جي مهري جمهوريت کي دفن ڪري ڇڏيو آهي، مولانا فضل الرحمان اسٽيبلشمينٽ تي هڪ ڀيرو ٻيهر حڪومت جي پٺڀرائي جو الزام لڳائيندي چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ حڪومت جي محافظ بڻيل آهي، هن حڪومت کي عوام جي نمائنده طور تسليم نٿا ڪريون. هن چيو ته 13 ڊسمبر لاهور جو تاريخي ڏينهن هوندو، اسان کي هر صورت ۾ مينار پاڪستان تي جلسو ڪرڻو آهي، اسان کي جلسو روڪڻ وارن حڪومتي قدمن جو به رستو روڪڻو آهي، اسان جو رستو روڪيو ويو ته اسان نئون رستو ٺاهي وٺنداسين، حڪومت عوام ٻوڏ کي روڪي نه سگهندي. مولانا فضل الرحمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته هاڻوڪي حڪومت کي آئيني ۽ جمهوري طور نٿا مڃون، هاڻوڪين اسيمبلين ذريعي سينيٽ جي چونڊ جعلي هوندي، اڄ ملڪ ۾ جمهوريت ناهي، آمريت جي مهري جمهوريت کي دفن ڪري ڇڏيو آهي. ان موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلز پارٽي هر آمراڻي دور جو مقابلو ڪيو، پيپلز پارٽي جي سياست روڊن تان ئي شروع ٿي هئي، پيپلز پارٽي حڪمرانن کي گهر اماڻڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي، پي ڊي ايم ۾ شامل سمورين پارٽيون هڪ پيج ۽ هڪ اسٽيج تي آهن، اسان عمران خان ۽ ان جي سهولتڪارن کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ نڪتا آهيون، اسان سمورا پارلياماني  جمهوري آپشن استعمال ڪنداسين، اسان جلسا به ڪنداسين ۽ سول سوسائٽي سان رابطا به ڪنداسين، استعيفيٰ به ان عمل ۾ شامل آهي. هن چيو ته جيڪڏهن هاڻوڪين اسيمبلين ذريعي سينيٽ جي چونڊ ٿي ته اها ڪوڙي هوندي، اسان آئيني ماهرن سان به صلاح مشورا ڪري رهيا آهيون، ان سلسلي ۾ بئريسٽر اعتزاز احسن جو به موقف وٺنداسين، اسان اڳ ئي چئي چڪا آهيون ته جلسا به ڪنداسين ۽ استعيفائون به ڏينداسين، حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ هر طريقو استعمال ڪنداسين. ان موقعي تي مريم نواز جو چوڻ هو ته 13 ڊسمبر جو جلسو مينارِ پاڪستان تي ئي ٿيندو، جلسي وارو هنڌ ڪنهن به صورت ۾ تبديل نه ڪنداسين. هن چيو ته اسان جي ئي رٿائن تي هي تختيون لڳائي رهيا آهن، هنن ته هن وقت تائين هڪ سِر به ناهي لڳائي. ٻئي پاسي پي ڊي ايم جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ جنوري جي آخري هفتي ۾ لانگ مارچ جو اعلان ڪندي چيو ويو آهي ته لاهور وارو جلسو هر حال ۾ ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو