اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 56 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته 3138 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون، ان کانپوءِ ٻئي نمبر تي وڌيڪ فوتگيون سنڌ ۾ ٿيون، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ٿيندڙ 56 فوتگين مان 39 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. اين سي او سي پاران جاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران جي 3 هزار 138 مريضن جا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 56 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جن ۾ 51 ماڻهو اسپتالن ۾ جڏهن ته 5 ماڻهو گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪورونا جي مريضن جي سراسري لحاظ کان ملتان ۾ 64 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 48 سيڪڙو، پشاور ۾ 38 سيڪڙو ۽ لاهور ۾ 36 سيڪڙو مريض آهن، اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بيڊز تي اسلام آباد ۾ 61 سيڪڙو، راولپنڊي ۾ 55 سيڪڙو، ملتان ۾ 48 سيڪڙو، پشاور ۾ 51 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 42 هزار 202 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 12 هزار 582، پنجاب ۾ 15 هزار 405، خيبرپختونخواهه ۾ 4 هزار 690، اسلام آباد ۾ 5 هزار 888، بلوچستان ۾ 527، گلگت بلتستان ۾ 412، آزاد ڪشمير ۾ 698 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 3 لک 74 هزار 301 ٿي چڪو آهي. گلگلت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل بيڊز تي 357 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 46 هزار 376 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 4 لک 29 هزار 280 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 7 هزار 517، بلوچستان ۾ 17 هزار 605، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 765، اسلام آباد ۾ 33 هزار 605، خيبرپختونخواهه ۾ 50 هزار 762، پنجاب ۾ 1 لک 25 هزار 250 ۽ سنڌ ۾ 1 لک 89 هزار 687 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 8 هزار 603 آهي جن مان سنڌ ۾ 3 هزار 99 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 15 مريض اسپتالن ۾ جڏهن ته 3 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا، پنجاب ۾ 3 هزار 265 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 21 مريض اسپتالن ۾ جڏهن ته 2 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا، خيبرپختونخواهه ۾ 1 هزار 439 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 10 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا، اسلام آباد ۾ ڪل 348 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3 مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا، بلوچستان ۾ 171 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 1 مريض ان وائرس سبب فوت ٿيو، گلگت بلتستان ۾ 98 فوتگيون، آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 183 فوتگيون ٿيون گذريل 24 ڪلاڪن دوران 1 مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيو. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جا 59 لک 6 هزار 146 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 613 اسپتالن ۾ 3 هزار 170 مريض علاج هيٺ آهن
245