257

لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي فوج جي فائرنگ، 2 جوان شهيد، پاڪستان پاران ڀرپور جواب

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي فوج لائن آف ڪنٽرول تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جا 2 جوان شهيد ٿي ويا آهن. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر مطابق ڀارتي فوج هڪ ڀيرو ٻيهر ڪنٽرول لائن تي جنگبندي جي ڀڃڪڙي ڪئي ۽ لائين آف ڪنٽرول جي کوئي رٽه سيڪٽر ۾ بناجواز فائرنگ ڪري ڏني. آءِ ايس پي آر مطابق پاڪ فوج ڀارتي فوج کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ ڀارتي فوج جي وڏي جاني ۽ مالي نقصان جون رپورٽون مليون آهن، جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جا 2 جوان لانس نائيڪ طارق ۽ سپاهي زروف شهيد ٿي ويا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو