257

بلوچستان اسيمبليءَ جي ٽن ميمبرن پنهنجي استعيفيٰ پارٽي قيادت وٽ جمع ڪرائي ڇڏي

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي مرڪزي قيادت پاران اسيمبلي ميمبرن کي استعيفيٰ پارٽي قيادت وٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت کانپوءِ بلوچستان ۾ 3 اسيمبلي ميمبرن استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. پي ڊي ايم جي مرڪزي قيادت جي هدايتن تي بلوچستان سان تعلق رکندڙ 3 اسيمبلي ميمبرن پنهنجي استعيفيٰ پارٽي قيادت وٽ جمع ڪرائي. استعيفيٰ ڏيندڙن ۾ جي يو آءِ جو صوبائي اسيمبلي ميمبر شام لال لاسي ۽ بلوچستان نيشنل پارٽي جو صوبائي اسيمبلي ميمبر اختر حسين لانگو شامل آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو