ڄامشورو(ڊسٽرڪٽ رپورٽر) مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو يو آءِ گرين ميٽرڪ رينڪنگ 2020 ۾ 6625 اسڪور سان ملڪ جي ٻيو نمبر يونيورسٽي قرار. تفصيل موجب انڊونيشيا جي يونيورسٽي يونيورسٽاز پاران سڄي دنيا جي 912 يونيورسٽين جي ڪيل رينڪنگ ۾ مهراڻ يونيورسٽي گذريل ٽن سالن جي رينڪنگ اسڪور کان وڌيڪ 6625 اسڪور کڻي پاڪستان جي ٻِيو نمبر يونيورسٽي هجڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي. گرين ميٽرڪ رينڪنگ ۾ مهراڻ يونيورسٽي جي ٻِيو نمبر اچڻ تي مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي، پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحهٰ حسين علي، رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر عبدالوحيد عمراڻي، چئني فئڪلٽيز جي ڊينز ۽ تدريسي ۽ انتظامي شعبن جي سربراهن پاران يونيورسٽي جي استادن، المنائز، شاگردن ۽ ملازمن کي مبارڪون ڏنيون ويون آهن.
932