لاهور (ويب ڊيسڪ) سي ٽي ڊي لاهور ڀارتي دهشتگردي جو وڏو منصوبو ناڪام بڻائيندي 5 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. سي ٽي ڊي مطابق گرفتار دهشتگرد لاهور ۾ سول سيڪريٽريٽ کي نشانو بڻائڻ جي منصوبو جوڙي رهيا هئا، جن جي سڃاڻپ ثمرقند، عبدالرحمان، وزير گل، عصمت الله ۽ عمران جي نالي سان ٿي آهي، سندن خلاف سي ٽي ڊي لاهور ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. سي ٽي ڊي عملدارن مطابق گرفتار ڪيل دهشتگردن وٽان دستي بم، هٿيار، افغان ڪرنسي، موبائل فونون ۽ ٻين حساس هنڌن جون وڊيوز هٿ ڪيون ويون آهن. سي ٽي ڊي مطابق شروعاتي جاچ ۾ ڄاڻ پئي آهي ته دهشتگرد 2 مهينا اڳ افغانستان کان آيا هئا، افغان جي ڳجهي اداري کين جلال آباد ۾ دهشتگردي جو ٽاسڪ ڏنو، جتي ڀارتي ڳجهي ايجنسي را جو نمائندو به موجود هو، دهشتگردن کي فنڊ به را جي آفيسرن ڏنا.
