اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته وزيراعظم صحيح چوندو آهي ته 2 پاڪستان آهن، هڪ امير ۽ طاقتور لاءِ ۽ ٻيو غريبن جي لاءِ، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايراضي ايڪوائر ٿيڻ تي متاثرن کي معاوضو نه ملڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته اسلام آباد ۾ جن ماڻهن کان ابن ڏاڏن جون زمينون کسيون ويون آهن اهي معاوضي لاءِ ڌڪا کائي رهيا آهن، وفاقي گادي واري هنڌ ۾ اشرافيه جو قبضو آهي ۽ غريب کي ايراضي جو معاوضو به نه ٿو ملي، عدالت سي ڊي اي متاثرن کي معاوضون جي ادائگي نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته وفاقي ترقياتي اداري سي ڊي اي کي شرم کان ٻڏي مرڻ گهرجي، وزيراعظم صحيح چوندو آهي ته 2 پاڪستان آحن هڪ پاڪستان امير ۽ طاقتورن لاءِ ۽ ٻيو غريبن جي لاءِ آهي. �$�
