282

شاگردن کان خالي ورسٽيون ۽ ڄامشوري جون ويرانيون …!!

ليکڪا: شيرين خاصخيلي

ڄامشور شهر نه صرف پنهنجي هوائن پر سنڌو ندي جي ڇولين ۽ خوبصورت منظرن جي ڪري به ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ٿو، ڄامشورو ورسٽين جو هڪ اعليٰ شهر آهي، جتي هر وقت هر لمحي قلم جو آواز ۽ مس جي خوشبو ايندي رهي ٿي، روزاني ڪيترن ئي شهرن مثال، ڪوٽڙي، حيدرآباد، ميرپورخاص، ٽنڊو آدم ۽ٻين هنڌن کان ورسٽين جي ايندڙ ويندڙ پوائنٽن جي رش سميت سموريون رونقون الائي ڪاڏي هليون ويون آهن؟ هڪ ننڍڙو شهر هجڻ باوجود لکين شاگردن توڙي شاگردياڻين جون دليون ڄامشوري جي روڊن، رستن، هوٽلن، هاسٽلن ۽ پارڪن سان ڳنڍيل آهن، سنڌ ورسٽي جي هر ڪنڊ ڪڙڇ کان ويندي سنڌو ندي جي ڪنارن تائين شاگرد پنهنجي مستين ۽ موجن ۾ هوندا هئا پر 8 مهينن جي هن ڊگهي وڇوڙي ڄامشوري جي رستن ۽ سنڌو ندي جي ڪنارن کي ويران ڪري ڇڏيو آهي، ڄامشوري جون رونقون ۽ هتي جي رهواسين جي روزگار جو بهترين ذريعو سنڌ جي مختلف شهرن کان آيل شاگردن سان ئي جڙيل آهي، ڄامشوري ۾ تعليمي ادارن جي بند ٿيڻ سان تعليم جو ته نقصان ٿيو ئي آهي پر ان سان گڏوگڏ هزارين ڪاروبارن ۾ به رڪاوٽون اچي ويو آهن، جتي شام جي وقت هزارين شاگرد ٽولين جي صورت ۾ ڪٿي چانهه، ڪٿي ماني، ڪٿي سياري جي موسم ۾ بيضي جو سوپ ته ڪٿي برياني جي خوشبو پيا وٺندا هئا، پر هن وقت اهي سڀ ٿاڪ پنهنجي انهن گراهڪن کانسواءِ اٻاڻڪا آهن، هر ڪاروبار ڪندڙ سور روئي ٿو ته آخر اسان جو روزگار ڪڏهن ورندو؟ رڪشا هلائيندڙن کان معلوم ٿيو ته اهي جون ۽ جولاءِ جي موڪلن ۾ قرض کڻندا آهن، ۽ وري جڏهن ورسٽيون کلنديون آهن ته اهي ٻيهر پئسا ڪمائي قرض لاهيندا آهن، جن ماڻهن جو ٻن مهينن جو گذر به قرض تي ٿيندو هجي انهن جي اهڙن ٻن مهينن کي 8 مهينن سان ڀيٽجي ته سندن روزگار جو ڪيترو نقصان ٿيو هوندو؟ يقينن اها سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي، ورسٽين جون سموريون ڪينٽينون، هاسٽلن جون ڪينٽينون، رڪشي جا ڊرائيور، فوٽو ڪاپي ڪرڻ وارا، سڀني جو روزگار هتي ايندڙ شاگردن سان سلهاڙيل آهي، جيڪڏهن هتي تعليمي ادارا 8 مهينن کان مڪمل بند آهن ته نقصان جو پوراءَ شايد ئي جلد ٿي سگهي، تازو 6 مهينن کانپوءِ 15 ڏينهن لاءِ مس ئي تعليمي ادارا کليا هئا جو ڪورونا جا ڪيس سامهون اچڻ تي انتظامي عملدارن بنا ڪجهه سوچڻ ۽ سمجهڻ جي صبح جو 7 وڳي ماروي هاسٽل جي نياڻين کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، اهي سڀ نياڻيون پنهنجا سامان کڻي ڄامشوري جي روڊن تي گهلينديون رهيون، ڪجهه پرائيويٽ هاسٽلن ۾ هليون ويون ۽ ڪجهه روڊن تي دربدر ٿي انتهائي ڏکيائين سان پنهنجن اجهن ڏانهن روانيون ٿيون، اهڙين حالتن ۾ پري پري کان آيل شاگردياڻيون ڪيترو دربدر ٿيون هونديون، ان جو صرف اندازو لڳائي سگهجي ٿو، وبا رڳو مريضن جو تعداد ناهي وڌايو پر بيروزگاري، تنگي، حراسمينٽ، چڙ، بيزاري، خوف ۽ الائي ڪيترائي مرض وڌائي ڇڏيا آهن، اهڙيون حالتون ڏسي اڄ پڙهيل لکيل ماڻهو کي به ڪورونا جي هيءَ وبا مذاق ٿي لڳي، ڇو ته وبا ٻين ملڪن ۾ به آهي، پر پاڪستان جي وبا شايد صرف تعليمي ادارن لاءِ آهي، هڪ مهيني کان مسلسل مخالف ڌر جا جلسا هلي رهيا آهن، سڄي ملڪ ۾ ڌام ڌوم سان شاديون به ٿي رهيون آهن، وڏيون وڏيون بازارون کليل آهن، بسن ۽ وينن ۾ ساڳئي نموني رش آهي، هوٽلن تي به رش آهي، ساڳين ٿانون ۾ کائڻ پيئڻ سميت ثقافتي ڏينهن تي نڪرندڙ ريلين ۽ ٻين سمورن هجومن جي جاءِ تي وبا ٿيڻ جو ڪو به خطرو نه آهي، خطرو آهي ته اهو صرف تعليمي ادارن ۾ آهي!! خطرو آهي ته رڳو هاسٽلن ۾ آهي!! افسوس آهي اهڙي نظام تي جيڪو ڄاڻي واڻي هتي جي تعليمي سرشتي کي برباد پيو ڪري، اهو ان ڪري به آهي ته اسان وٽ پوري ملڪ ۾ شاگرد ڇڙ وڇڙ آهن، سياسي ۽ اقتداري پارٽيون ڄاڻي واڻي کين پوئتي رکي ويٺيون آهن، ۽ انهن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيڻ نه پيو ڏنو وڃي، نتيجي طور جيئن معاشرو مايوس ۽ ويڳاڻو آهي، ائين ئي هتي جو شاگرد به مايوس ۽ ويڳاڻو بڻيل آهي، نه ته سڌريل سماجن ۾ جيڪي به اڳواڻ اچن ٿا اهي شاگرد سياست مان اڀري ملڪن جون قيادتون سنڀالين ٿا ۽ اهڙيون قيادتون شاگرد يونين جي پليٽ فارم تان ئي اينديون آهن، پر اسان وٽ ضيائي آمريت ۾ شاگرد يونين تي جيئن پابندي لڳي آهي تيئن وري پاڻ کي جمهوريت جو چيمئپن سڏائيندڙ پارٽين به اها ئي آمريت واري ڪار جاري رکي آهي ۽ يونين جي اجازت ناهي ڏني، شاگردن کي گهرجي ته گڏجي هڪڙي تحريڪ هلائين، گهرن مان نڪري ادارن جي دروازن تي ڌرڻا هڻن، هڪ دفعو وري شاگرد يونين کي طاقت ڏيارين ته جيئن شاگردن جي راءِ کي اهميت ملي سگهي، هي وقت خاموشي جو نه آهي، جيستائين خاموش رهنداسين، تيستائين هڪ ٻي وبا جنم وٺندي، جنهن جو نالو جهالت هوندو،  لاعلمي هوندو ۽ پوءِ ان جي ويڪسين جو فارمولو اسان وٽ ڪير به ڳولي نه سگهندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو