258

تو کانپوءِ ڪير اسان جي سُپرين لهندو سار…!!

ليکڪ: محبوب علي ڪُنڀر

وڇڙڻ فطري عمل آهي پر وسارڻ وڏي ڪميڻائپ، هنن سٽن ۾ جيڪا حقيقت سمايل آهي سا سئو سيڪڙو سچ آهي، سنيتا راٺوڙ ديپڪ کان جُدائي ڪري مُسلمان ٿي رميز نالي همراهه سان نڪاح ڪري زندگي جو ناتو جوڙي ڇڏيو آهي.ڪالهه جڏهن سوشل ميڊيا تي لائيو سيشن ديپڪ کي ڏٺوسين ته سندس اکيون ٻڌائي رهيون هيون ته واقعي محبت چرين جي گفتگو آهي، ديپڪ دل تي پٿر رکي رت جا ڳوڙها وهائيندي پنهنجي محبت سُنيتا کي دل سان موڪل ڏئي لکت نامي سان گڏ وڊيو پيغام ڏئي ڇڏيو. ديپڪ جهڙي نوجوان کي پوليس جون گوليون ته نه ماري سگهيون، پر جڏهن هن کي سهاري جي ضرورت ھئي ان وقت بيوفائي ۽ جيءُ جهوريندڙ تنهائي شايد کيس تڙپائي تڙپائي ماريندي،  هونئن به هن دور ۾ جڏهن ماڻهون جا مادي احساساتي ۽ معاشي مفاد ٽٽندا آهن ته بيوفائي جنم وٺندي آهي، سو ائين 9سالن جو ڊگهو عرصو ڏک سک توڙي هر وک تي ساٿ نڀائي آخر ۾ اهڙو وقت آيو جو ديپڪ کي ديپ وانگي جلائي پاڻ سک جي سيج ماڻي هن کي ڇڏي هلي وڃڻ ڪنهن قتل کان گهٽ ناهي، اهڙو سلوڪ ته ڪو دشمن به نه ڪندو آهي، جهڙي ريت ديپڪ جي پيار ديپڪ سان ڪيو. اسانکي گهرجي ته ديپڪ کي حوصلو ڏئي ان جي علاج لاءِ سوچيون، اسان اعليٰ اختيارين توڙي وس وارن کي اپيل ٿا ڪيون ته ديپڪ جو ٻاهرين ملڪ مان علاج ڪرايو وڃي ته جئين هو پنهنجي زندگي آرام سان گذاري پنهنجي پٽڙي روهن کي پڙهائي سگهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو