ليکڪ: ايڊووڪيٽ غضنفر سولنگي
جين جيڪس روسو چيو هو ته ”انسان هن دنيا ۾ آزاد پيدا ڪيو ويو آهي پر معاشري جي رسمن ۽ رواجن ۾ اهڙو ته جڪڙيل آهي جو هو پاڻ کي آزاد محسوس نٿو ڪري“. شروعاتي طور انساني سماج جي ارتقا ۾ عام فردن کي بلڪل آزاديءَ جي اجازت نه هئي، اهڙي معاشري کي اسين غلاميءَ واري دور جي شروعات چئي سگهون ٿا، غريب ماڻهو معاشري ۾ ماريل ئي رهيو، جڏهن هوريان هوريان سماج بدليو ۽ سماج جا قدر بدليا، ۽ انهن بدلجندڙ دور سان گڏ ماڻهن جي ذهني ۽ شعوري ترقي ظاهر ٿيڻ لڳي ته اهڙي طرح وري ان بدلجندڙ سوچ سان گڏ ماڻهن اهو ڄاڻي ورتو ته انساني معاشري جو بدلاءُ تبديل ٿئي پيوِ ۽ ترقي ماڻهن جي سوچ سان سلهاڙيل آهي، اها قدرتي ڪرشمو يا معجزو نه آهي، اهڙي ئي طرح سان وقت گذرڻ سان گڏ ماڻهن جي ڪيل بغاوتن ۽ ڪوششن سان نئون سماج ٺهندو پئي ويو، جنهن ۾ انهن ڪروڙين ماڻهن پنهنجي جان ۽ مال جي قرباني ڏني هئي، اڄ کان ٺيڪ 72 سال پهريان دنيا جي عالمي تنظيم گڏيل قومن انساني حقن جي حوالي سان هڪ پڌرنامو پاس ڪيو هو، جيڪو سڄي سنسار ۾ انسانن جي ترقي، آزادي، واڌ ويجهھ جو اهم ۽ جامع دستاويز سمجهيو ويندو آهي، دراصل اهو پڌرنامو نتيجو هو ٻئي جنگ عظيم جو جنهن ۾ پنج ڪروڙ ماڻهو موت جو کاڄ بڻجي ويا هئا، 24 آڪٽوبر 1945ع ۾ گڏيل قومن جي قائم ٿيڻ کان پوءِ انهي جي اهم باڊي جنرل اسمبلي جو 10 ڊسمبر 1948ع تي پئرس ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٺهراءَ نمبر 217 A پاس ڪيو ويو، انهي انساني حقن جي ٺھراءَ لاءِ 18 ميمبرن جي ڪميٽي ٺاهي وئي، جنهن کي ايلن روزو ويلٽ Elean Roosevelt جي چوڻ تي گهرايو ويو هو، خاص ميمبرن ۾ لبنان جو ڊاڪٽر چارلس، روس جو اليگزينڊر بوگرومليو، چين جو ڊاڪٽر پينگ چين، فرانس جو ريني ڪيسن، آمريڪا جو ايلن روزو ويلٽ، برطانيا مان چارلس ڊڪنس، آسٽريليا مان وليم هوڊگس، چلي مان هيرنان سانٽا ۽ ڪئناڊا واسي جوهن پي شامل هئا، انساني حقن جي پڌرنامي ۾ ڪل ٽيهھ آرٽيڪل شامل آهن، جيڪي دنيا جي پنچ سئو کان وڌيڪ ٻولين ۾ ترجمو ڪري شايع ڪيا ويا آهن. هن پڌرنامي ۾ ڪيترائي اهڙا حق شامل آهن جيڪي اڄ ڏينهن تائين دنيا ۽ خاص ڪري سنڌ جي غريب عوام کي ڏنا ئي ناهن ويا، پنهنجي بدقسمتي اها به رهي آهي ته ماڻهن کي هنن حقن جي ڄاڻ ئي ناهي جو هو سرڪار کان گهري سگهن، ڪنهن چيو هو ته الميو اهيو ناهي ته توهان کي حق نٿا ملن پر مرڻ جو مقام اهيو آ ته ماڻهن کي پنهنجي حقن جي خبر ئي ناهي. خاص ڪري تعليم، صحت، فيملي جي واڌ ويجهھ، قانون جي پاسداري، قانون جا آزاداڻا حق، تنظيمي حق، هر اهي حق جيڪي دنيا ۾ بنا ڪنهن فرق، رنگ، نسل ۽ مذهبي فرق کانسواءِ انسانن کي مهيا ڪيا ويندا آهن، پاڻ انهن کان محروم آهيون، پاڻ جي ٿورو غور ڪريون ته سنڌ جي صورتحال انتهائي ڳنڀير رهندي پئي اچي، عورتن جي احساس محرومي کان وٺي مردن جي معاشي حالتن کي ڏسي اهو ڀلي ڀت نظارو نروار ٿيندو ته پاڻ دنيا جي انساني حقن جي انڊيڪس ۾ ڪهڙي نمبر تي ٻيٺل آهيون.منهنجي خيال ۾ نمبر ته پري جي ڳالهه آهي انساني حقن جي حوالي سان اسان شايد ڪنهن به ڳڻپ ۾ نه ايندا هجون، ڇو ته اسان مان گهڻن ماڻهن کي ته اها به خبر نه آهي ته ڪو انساني حقن بابت مهذب دنيا قانون به ٺاهيو آهي، پڌرنامو به جاري ڪيو آهي، اڄوڪي ڏينهن تي ٻيو ته ٺهيو پر سرڪاري توڙي غير سرڪاري سطح تي ٺلهو ڪو پروگرام، ڪا تقريب به نه ٿي آهي، جنهن ۾ ماڻهن کي رڳو آگاهي ڏني وڃي ته خدا جا بندا دنيا ۾ رهندڙ اوهان جهڙن ئي ٻين انسانن کي هيترا هيترا حق مليل آهن ۽ اهي اهڙن حقن جو آزاداڻو استعمال به ڪن ٿا.
” اے خدا تيري عدالت مين صدا لايا هون
ميري حصي پي فلان قبضه ڪيئي بيٺا هي.
بلين ڊالرن جو سوال اهو پڻ آهي ته اسان جي سرڪاري تنظيمن، سياسي، سماجي تنظيمن ۽ اين جي اوز سنڌ جي ماڻهن کي گڏيل قومن طرفان مليل حقن جي حاصلات لاءِ ڪيترو ڪم ڪيو آهي ۽ سنڌ جي عوام جي دردن لاءِ ڪهڙو درمان بڻيون آهن؟