جلال آباد ( ويب ڊيسڪ) افغانستان ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عورت صحافڻ ڊرائيور سوڌو مارجي وئي وئي آهي، اڄ صبح جو افغانستان جي شهر جلال آباد ۾ عورت صحافڻ ملالا ميوند پنهنجي صحافتي ڊيوٽي تي وڃي رهي هئي ته نامعلوم هٿياربندن سندس گاڏي مٿان فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ صحافڻ ۽ سندس ڊرائيور موقعي تي مارجي ويا، صحافڻ ملالا ميوند ٽي وي ۽ ريڊيو لاءِ صحافت ڪندي هئي، اڄ صبح جو جيئن ئي گهران نڪتي هڪ هڪ نامعلوم هٿيار سندس گاڏي تي فائرنگ ڪئي، جنهن ملالا ۽ سندس ڊرائيور محمد طاهر مارجي ويا، جلال آباد جي صوبائي گورنر هائوس جي ترجمان صحافڻ جي مارجي وڃڻ جي تصديق پڻ ڪئي آهي جڏهن ته افغانستان جي صحافين توڙي سول سوسائٽي جي نمائندن صحافڻ ۽ ان جي ڊرائيور جي قتل تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي واقعي جي مذمت ڪئي آهي ۽ قاتلن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، ۽ چيو آهي ته افغانستان صحافين خاص ڪري عورت صحافين جي لاءِ خطرناڪ ملڪ بڻجي ويو آهي.
296