ليکڪ: نياز مسرور بدوي
سنڌي عورتاڻي ادب جي واڌ ۽ ويجھه ۽ عورت اديبائن جي ادبي شهپارن کي منظر عام تي آڻڻ ۽ انهن جي احساسن کي قلم جي نوڪ سان نروار ڪرڻ ۾ سانئڻ بيگم خانم خديجه دائودپوٽو صاحبه جي رسالي اديون ۽ سانئڻ بيگم زينت عبدالله چنا صاحبه جي مارئي جي ذڪر ڪرڻ کان سواءِ عورتاڻو ادب ڄڻ ته اڻپورو آهي. انهن مانوارين عورت ليکڪائن، نين اڀرندڙ عورت ليکڪائن جي ذهني اوسر ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. ان کان سواءِ عبدالواحد سنڌي پاڪستان انفارميشن کاتي طرفان شايع ٿيندڙ رسالي ”نئين زندگي“ ۾ پنهنجي ايڊيٽريءَ جي زماني ۾ عورت اديبائن جو هڪ گلشن تيار ڪيو. انهيءَ گلشن ۾ ثريا ياسمين، جميله نرگس، اقبال پروين سومرو، رشيده حجاب، ماهتاب محبوب، ثميره زرين ۽ ٻين ڪيترين ئي مانوارين قلم قبيلي سان تعلق رکندڙ عورتن جي تخليقن کي نهايت شان سان شايع ڪيو ۽ سندن صلاحيتن کي عام پڙهندڙن جي اڳيان پيش ڪري، عورت اديبائن جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. وقت جي ڪسوٽي اڳتي هلي اهو ثابت ڪيو ته اهي ليکڪائون ڪنهن به ريت مرد تخليق ڪارن کان ادبي صلاحيتن ۾ گھٽ نه هيون. انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي ماهوار سرتيون رسالو به آهي. جيڪو گذريل ٽيهن سالن کان عورتاڻي ادب جي حوالي سان هڪ ممتاز حيثيت رکي ٿو. اتفاق سان محترم ذوالفقار علي ”هالار“ صاحب فيس بوڪ جي ميسينجر تي ”سرتيون“ رسالي ۾ ميڊم تنوير جوڻيجو جي ڪتاب ”ملڪ جي سياسي صورتحال سبب سنڌ ۾ سماجي، ثقافتي تبديلي ۽ سنڌي ادب“ تي لکيل تبصري جي سرتيون ۾ شايع ٿيڻ بابت ٻڌايو، جنهن جي مون کي ڄاڻ نه هئي. انهيءَ سلسلي ۾ آءٌ سرتيون جي آفيس سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو ۾ ذاتي طور تي گلبدن جاويد مرزا جا ٿورا مڃڻ لاءِ پهتس. جتي هوءَ ڄام شورو نرسنگ ڪاليج جي شاگردن سان محو گفتگو هئي ۽ مون ساڻس ملڻ بدران انتظار ڪرڻ وڌيڪ مناسب ڄاتو. ڪاليج جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وڃڻ کان پوءِ ساڻس سندس آفيس ۾ مليس ۽ سندس ٿورا مڃيم. ميڊم موٽ ۾ نومبر 2020ع جي شماري سان گڏ ٽي عدد ٻيا به شمارا مهرباني ڪندي ڏنا. جنهن لاءِ سندس ٿورا مڃيندس.ماهوار نومبر 2020ع جو سرتيون، ايڊيٽوريل ”سوچ ويچار“ کان پڙهڻ شروع ڪيم. ايڊيٽوريل ۾ حڪيم لقمان جي حوالي سان نهايت سبق آموز ڳالهه ٿيل آهي، جنهن تي عمل ڪرڻ سان انسان گھڻين برائين کان بچي سگھي ٿو. اهو اصول اسلام جو مکيه جز آهي ۽ صوفي سڳورا به اڪثر ڪري پنهنجي مريدن کي دل صاف ڪرڻ، ڄڀ کي روڪڻ ۽ ديد کي روشن رکڻ جي تلقين ڪندا آهن.سرتيون ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي لکيل ڪتاب ”پورب ڄائي“ جو مراد علي مرزا صاحب جو سنڌي ۾ ڪيل ترجمو ڏنل آهي، جيڪا بهترين ڪاوش آهي، ان سان سرتيون پڙهندڙ عورتن کي، محترمه جي سياسي سوچ سان گڏ علمي ۽ ادبي صلاحيتن جو به اندازو ٿيندو. منجھن اهو احساس پيدا ٿيندو ته عورت دنيا جو هر مشڪل ڪم ڪري سگھي ٿي ۽ پنهنجي همت ۽ يقين سان وقت جي ظالم سان جنگ جوٽي، فتح ياب ٿي سگھي ٿي.تاريخ جي جھروڪن مان ڊاڪٽر نواز علي شوق صاحب ”رضيه سلطانه“ جي خوش بختيءَ ۽ بهادريءَ جا داستان ٻڌايا. رضيه سلطانه ايتري ته بهادر هوندي هئي جو جنگ جي ميدان ۾ مرداڻو ويس اوڍي دشمنن سان وڙهندي هئي ۽ سندس انهيءَ بهادريءَ ۽ ذهانت جي ڪري التمش کيس پٽن کان وڌيڪ ڀائيندو هو. ترڪن جي ناعاقبت انديشيءَ رضيه سلطانه جي صلاحيتن کي بدنصيبيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو. محمد رمضان شورو جو مضمون نهايت معلوماتي هو. اهڙا مختصر پروفائيل اڳتي هلي تحقيق ڪندڙن کي بنيادي ماخذ طور ڪم ايندا. سماجي، قانوني ۽ انساني حقن بابت لکيل آرٽيڪل ”اقليتي، ملڪيتي ۽ شهري حق“ ڪافي چاڻ ڀريو هو، ڪتابن تي ٿيل تبصرن مان ڪليم ٻُٽ صاحب جو ”رڃ“ ناول تي تبصرو ناڪاري لڳو. بهرحال نقاد جي راءِ آهي، جنهن سان مصنف ۽ پڙهندڙ جو متفق ٿيڻ ضروري نه آهي. ان کان سواءِ خالده منير جو ”دل ڌمالن جي گونج ۾ ورتل“، جهانزيب بروهي جو ”سيتا زينب“، نواز انصاري جا سدرة المنتهى جي ڪتابن ”ورق به ساهه کڻن ٿا“، تي لکيل تبصرا متوازن لڳا.چندر ڪيسواڻي جي ڪتاب ”نئون ادب، نيون ڳالهيون“ ۾ پڻ عورت جي سماجي پس منظر کي پيش ڪيو ويو آهي.فاطمه زهره جو مضمون يادگيرين جو هڪ سهڻو البم آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي يادن کي سهيڙي پيش ڪيو آهي.ڪهاڻين ۾ ريحانه نظير جي”بري عورت“ هن دور جي سماجي روين جي عڪاسي ڪري رهي آهي. ڊاڪٽر شجاع احمد مهيسر جي لکيل ڪهاڻي ”محبت نگر جي مومل“ به سماج جي ڪُڌن روين جي نشان دهي ڪري رهي آهي. ريحانه قريشيءَ جي شاعري ڪافي سگھاري لڳي. شڪيل احمد جو نظم به سگھارو لڳو. خوشبو بلوچ، چاندني بلوچ، صابره ڪريم ۽ مرڪ عباسي جي شاعري شامل آهي، پر صابره ڪريم، شڪيل احمد ۽ مرڪ عباسي جو نالو سٽاءَ ۾ شامل نه آهي، مجموعي طور تي اهو چئي سگھجي ٿو ته ”سرتيون“ عورتن جو هن واحد سنڌي رسالو آهي، جيڪو عورتن جي ترجمان طور پنهنجا فرض ادا ڪري رهيو آهي.