270

سنڌ ڪابينا جو بهترين قدم…

ايڊيٽوريل

سنڌ ڪابينا صوبي ۾ تيز برسات وگهي متاثر ٿيندڙ ماڻهن لاءِ 4.021 ارب رپين جي معاوضي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ وفاقي حڪومت کان صوبائي حڪومت جي برابر گرانٽ / معاوضو ڏيڻ جي درخواست ڪئي آهي ته جيئن متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي سٺي نموني بحالي ۽ مدد ڪري سگهجي. ڪابينا ننڍن واپارين ۽ هارين کي وفاقي ۽ صوبائي ٽيڪس کان ڇوٽ ڏيڻ جي پڻ منظوري ڏني ته جيئن انهن جي 2020 ع وارين برساتن ۾ ٿيل نقصان جو ازالو ٿي سگهي. اجلاس ۾ سمورن صوبائي وزيرن ۽ صلاحڪارن، چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. ڪابينا جي هدايت تي بورڊ آف روينيو چوماسي برساتن سبب متاثر ٿيلن جا سروي تفصيل ڏيندي ڄاڻايو ته 149 ماڻهو فوت، 103 زخمي، 7120 پڪن ۽ 75195 ڪچن گهرن کي مڪمل ريت نقصان پهتو، 9102 پڪا ۽ 171463 ڪچن گهرن کي معمولي نقصان پهتو، 8165 چوپايو مال مري ويو، جڏهن ته 11630 ٻڪريون، رڍون ۽ گڏهه به مري ويا. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته قانون تحت قدرتي آفتن ۾ فوت ٿيل ماڻهن جو معاوضو ڪفالت ڪندڙن لاءِ 100000 رپيا ۽ غير ڪفالت لاءِ 50000 رپيا مقرر ڪيو ويو آهي. ڪابينا چيو ته اهو پئسو ٿورو آهي تنهنڪري متاثر ٿيندڙ ڪفالت ڪندڙن ۽ غير ڪفالت ڪندڙن لاءِ 100000 رپيا ڏئي سگهجن ٿا. ڪابينا زخمين لاءِ 25000 رپيا، معمولي ۽ مڪمل ريت تباهه ٿيل گهرن لاءِ 25000 رپيا ، معمولي نقصان ٿيندڙ لاءِ 10000 رپيا، وڏي چوپائي مال لاءِ  10000 رپيا، ننڍي چوپائي مال لاءِ 5000 رپيا منظور ڪيا آهن. متاثر ٿيندڙ ماڻهن کي معاوضي جي ٽوٽل رقم 4.021 ارب رپيا هوندي جيڪا ڪابينا جي خيال ۾ غريب عوام جي بحالي لاءِ ٿوري آهي. تنهن ڪري ڪابينا وڏي وزير کي وزيراعظم کي خط لکڻ جي درخواست ڪندي کيس معاوضي جي رقم 4.021 ارب رپين جي برابر ڪرڻ جي درخواست ڪئي ته جيئن متاثر ٿيندڙن کي بحالي لاءِ ٻيڻي رقم ملي سگهي، ڪابينا ننڍن واپارين ۽ هارين کي امداد جي فراهمي جي پڻ منظوري ڏني، صوبائي حڪومت وفاقي حڪومت کان گُهر ڪندي برسات سبب متاثر ٿيندڙ ننڍن واپارين کي ٽيڪس ۾ رعايت ڏيڻ جي درخواست ڪندي.

اسان سمجهون ٿا ته سنڌ ڪابينا جو ڄاڻايل فيصلو انتهائي بهترين قدم آهي، ڇو ته برسات دوران غريب ماڻهن جو جيڪو نقصان ٿيو آهي، ان جا انگ اکر شايد اڃا به وڌيڪ هجن، نه صرف ايترو پر برساتن سبب ڳوٺن کان ويندي شهرن تائين ماڻهن جنهن قسم جو عذاب ڀوڳيو اهو، لفظن ۾ بيان ڪرڻ ڏکيو آهي، ان ڪري سنڌ حڪومت اهڙو قدم کڻي سڄي ملڪ لاءِ هڪ مثال قائم ڪيو آهي، اسان سمجهون ٿا ته ان فيصلي تي تڪڙو عمل ٿيڻ جي به ضرورت آهي، ڇو ته اڪثر ڏٺو ويو آهي ته ڪابينا توڙي حڪومت بهتر فيصلا ته ڪندي آهي، پر انهن تي عمل ۾ دير ٿي ويندي  آهي ۽ اها دير وري متاثرن سان ناانصافي ۾ شمار ٿيندي آهي، ان ڪري سنڌ حڪومت کي اها گذارش ڪنداسين ته منظور ڪيل رقم جلد کان جلد اصل حقدارن تائين پهچائي وڃي ۽ ان ۾ شفافيت کي نظر ۾ رکندي اهڙا قدم کڻڻ گهرجن، جنهن سان ان جي ميرٽ تي ڪنهن به قسم جي آڱر نه کڄي سگهي، برسات سبب متاثر ٿيل مارو ماڻهو اڃا تائين سرڪاري امداد جي آسري تي ويٺل آهن ۽ ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻڏي ويل فصل تباهه ٿي چڪا پر اڃا تائين زمينون آبادي لائق ناهن رهيون، ان ڪري اهڙن ماڻهن تائين جلد کان جلد امداد رقم پهچڻ ضروري آهي، جهڙي طرح سنڌ حڪومت هڪ بهترين قدم کنيو آهي، اهڙي ئي طرح شفاف نموني سان ماڻهن تائين اها امداد پهچڻ سان اهڙو قدم تاريخي ٿي ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو