233

شيخوپوره ۾ 5 لک 60 هزارن جي ڦر، مزاحمت تي واپاري قتل

شيخوپوره (ويب ڊيسڪ) شيخوپوره جي جي ٽي روڊ تي ڦورن ڦر دوران نوجوان واپاري کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ کانئس 5 لک 60 هزار ڦر ڪري فرار ٿي ويا. پوليس مطابق شيخوپوره جي جي ٽي روڊ تي رچنا ٽائون واري علائقي ۾ واپاري زاهد حبيب کان 5 لک 60 هزار رپيا ڦر ڪيا، مزاحمت تي ڦورن کيس قتل ڪري لاش ريلوي لائن تي اڇلائي فرار ٿي ويا، واقعي جو ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو