289

بلاول ڀٽو پ پ پ اڳواڻ کي استعيفائن بابت ميڊيا تي ڳالهائڻ کان روڪيو آهي: يوسف رضا گيلاني

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) پ پ پ جي اڳواڻ يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽي اڳواڻن کي استعيفائن تي ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني نيب ريفرنس ۾ احتساب عدالت ۾ پيشي کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ ٻين حڪومت مخالف پارٽين جي اڳواڻن جي سرعام چيو آهي ته پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ جي فيصلن تي هر صورت ۾ عمل ڪيو ويندو اسيمبلي مان استعيفائن جي معاملي تي پ پ پ جي اندر  اختلافن  ۽ خدشن واري سوال جي جواب ۾ يوسف رضا گيلاني جو چوڻ هو ته پارٽي جا فيصلا جڏهن ٿيندا آهن ته پوري پارٽي جي لاءِ هوندا آهن، استعيفائن جي معاملي تي پارٽي جي اڳواڻ ٽي وي چينلز تي ڳالهائي رهيا هئا انهن کي بلاول ڀٽو زرداري روڪيو آهي، يوسف رضا گيلاني جو وڌيڪ چوڻ هو ته بلاول ڀٽو زرداري اڳواڻن کي چيو آهي ته اوهان پارٽي جي مرڪزي ڪاروباري ڪميٽي جي اجلاس تائين انتظار ڪيو ۽ اهي سي اي سي جي گڏجاڻي تائين پارٽي کي اعتماد ۾ ورتو وڃي. ياد رهي ته حڪومت مخالف اتحاد پي ڊي ايم جي اجلاس ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو هو ته حڪومت مخالف سمورين پارٽين جا اسيمبلي ميمبر 31 ڊسمبر تائين پارٽين جي اڳواڻن تائين پنهنجون استعيفائون جمع ڪرائيندا. 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو