280

ميهڙ ۾ هفتو اڳ قتل ڪيل نوجوان جا قاتل گرفتار نه ٿيا، وارثن جو باءِ پاس تي ڌرڻو

ميهڙ(ن سوڀ) ميهڙ ۾  هڪ هفتو اڳ ميهڙ باءِ پاس وٽ زميني تڪرار تان قتل ٿيل عباس کوسو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ کوسا برادري اصغر کوسو، سڪندر کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  انڊس هاءِ وي تي ٻيٽو باءِ پاس وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. مظاهرين روڊ تي  ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي ڏانهن ايندڙ ويندڙ گاڏين جون قطارون لڳي ويون،  جڏھن ته روڊ ڪراس ڪرڻ دوران کوسا برادري جي ڏنڊا بردار ماڻھن، ڊرائيورن ۽  مسافرن ۾ ڇڪتاڻ ٿيندي رهي. ان موقعي تي اصغر کوسو چيو ته هٿيار بندن عباس کوسو کي قتل ڪيو پر ميهڙ پوليس قاتلن کي گرفتار ڪرڻ بدران انهن جي سهولتڪار ۽ محافظ بڻيل آھي.  هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو  کي اپيل ڪئي ته عباس کوسو جا قاتل جلد گرفتار ڪيا وڃن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو