267

کيبر جا 2 ڀائر معذور هجڻ ڪري هلڻ ڦرڻ کان لاچار، ڪٽنب فاقاڪشي تي مجبور، واهر جي اپيل

کيبر(رپورٽ: آصف علي ملاح ) کيبر شھر ۾ چهواڻ برادري جي غريب خاندان جي هڪ ئي گهر جا ٻه سڳا ڀائر معذور هجڻ ڪري هلڻ ڦرڻ کان لاچار بڻيل آهن، جنهنڪري سندن ٻار ۽ ٻچا فاقاڪشي تي مجبور آهن، جڏهن ته معذور نوجوان محمد آچر چهواڻ صحافين کي ٻڌايو ته اسان جو والد محمد عرس عرف بلو چهواڻ هارپو ڪندو هو، مون کي ننڍي هوندي بخار ٿي پيو، ان کانپوءِ آهستي آهستي ٽنگن جو سور پوڻ شروع ٿيو ۽ آخرڪار هلڻ کان لاچار ٿي ويس، ڊاڪٽرن طرفان پوليو جو شڪ هئڻ ڪري گهڻو علاج ڪرائڻ سبب الهھ تلھه ختم ٿي ويو،  بابا غريب هئڻ ڪري به اسان تي وڏو خرچ ڪيو،  امان انهيءَ ڳڻتي ۾ گذاري وئي،  ھاڻي علاج ته پري پر پيٽ جي کائڻ لاءِ به ڪجهه ناهي. ٻئي ڀاءُ حاجي خان چهواڻ چيو ته منهنجو گهڻو وقت اڳي ايڪسيڊنٽ ٿي پيو جنهن بعد آئون معذور بڻجي ويس، اسين غريب هجڻ ڪري هاڻي وڌيڪ علاج نٿا ڪرائي سگهون. هنن مطالبو ڪيو ته سرڪاري خرچ تي اسان جو علاج ڪرايو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو