285

انساني حقن جو عالمي ڏينهن: ڄامشورو ۾ موٽر وي پوليس پاران جاڳرتا ڪئمپ، ٻارڙن ۾ ڪپڙا ورهايا ويا

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) انساني حقن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي موٽر وي پوليس سيڪٽر اين 55 سيوهڻ _ڄامشورو طرفان ڄامشورو شھر ۾ اوور هيڊ برج هيٺيان روڊ سيفٽي بابت اسٽال لڳايو ويو، جتي موٽر وي پوليس پاران روڊ سيفٽي ۾ استعمال ٿيندڙ سامان کي نمائش لاءِ رکيو ويو. ان سان گڏ موٽر وي عملدارن ڀرپاسي جي علائقن ۾ رهندڙ غريب ڪٽنبن جي ٻارڙن کي سيءُ کان بچاءَ جا گرم ڪپڙا پڻ ڏنا. ان موقعي تي ايس ايس پي موٽر وي اين 55 سيوهڻ اشتياق حسين آرائين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آءُ جي موٽر وي پوليس ڊاڪٽر سيد ڪليم امام ۽ ڊي آءِ  جي موٽر وي سنڌ سائوٿ مسرور عالم ڪولاچي جي خاص هدايت تي ڄامشورو سيڪٽر اين 55 سيوهڻ طرفان انساني حقن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان اسان هي اسٽال لڳايو آهي ۽ غريب ٻارڙن ۾ سيءُ کان بچاءُ لاءِ گرم ڪپڙا ورهايا آهن ڇو ته سفر دوران هر شهري جي زندگي ۽ انهن جي مستقبل کي محفوظ ڪرڻ موٽر وي پوليس جو مشن آهي ته جيئن محفوظ طريقي سان پنهنجي منزل تي پهچي سگهن. موٽر وي پوليس آفيسر توفيق احمد قريشي جي چوڻ هو ته هن وقت به روڊ سيفٽي ۾ ڊرائيورن ۽ مسافرن کي انهن جي غفلت ۽ لاپرواهي بابت آگاهي ڏني آهي ڇو ته ماڻهو جي حياتي بچائڻ به انسانيت آهي، ٿورڙي غفلت ۽ لاپرواهي جي ڪري جاني ۽ مالي نقصان ٿئي ٿو. ان موقعي تي موجود ماڻهن کي روڊ حادثن کان بچاءُ لاءِ ڄاڻ وارو مواد پڻ ڏنو ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو