جوهي(ن سوڀ) ميونسپل ملازمن جون گذريل ٻه مهينا 10 ڏينهن گذرڻ باوجود پگهارون نه ٿيون، ڳچي ۾ گاھ ٻڌي سوين ملازمن طرفان انوکو احتجاج ڪيو ويو، ملازمن پاران ميونسپل آفيس کان هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي شمس الدين پنھور، خميسو جمالي ۽ محمد بخش گاڏھي جي اڳواڻي ۾ سخت نعري ڪندي شهر جي مختلف چونڪن کان ٿيندي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جوهي تعلقي اندر ايڊمنسٽريٽر مقرر نه ٿيڻ سبب ميونسپل ملازم فاقا ڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، پگهارون نه ٿيڻ ڪري دڪاندارن اوڌر تي سامان ڏيڻ کان کتو جواب ڏيئي ڇڏيو آهي، معصوم ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، ميونسپل ملازم شهر جي صفائي سٿرائي رکڻ باوجود انهيءَ کاتي جي ملازمن جون گذريل ٻن مهينن کان روڊن تي پگهارن لاءِ دانهون ڪري رهيا آهن، ان باوجود انصاف نه پيو ڪيو وڃي. هنن وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ۽ ايم اين اي رفيق جمالي سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ميونسپل ملازمن جون پگهارون جلد جاري ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجن ٻچن سميت علامتي بک هڙتال شروع ڪنداسين.
311