ڪراچي / سيوهڻ (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏو وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته استعيفائون کيسي ۾ پيل آهن، جنهن ڏينهن قيادت جو حڪم ايندي ئي ڏئي ڇڏينداسين، سيد مراد علي شاهه ڪراچي ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پ پ پ هڪ مختلف پارٽي آهي، استعيفائون اسان جي کيسن ۾ هونديون آهن، هن جو چوڻ هو ته ڪيپٽن صفدر جي گرفتاري بابت اسان جي چاج مڪمل ٿي چڪي آهي ان جي رپورٽ ڪابينا ۾ مجع ٿي چڪي آهي، وزير اعليٰ جو چوڻ هو ته گرين لائين منصوبو اڃا تائين مڪمل ناهي ٿي سگهيو، اسان جو اورنج لائين منصوبو گرين لائين منصوبي سان ڳنڍيل آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪراچي کي هڪ جديد سرڪلر ريلوي گهرجي، جيڪو ڪراچي وارن جو حق آهي، ڪراچي سرڪلر ريلوي ڪي سي آر هي قابل عمل منصوبو آهي جيڪو ڪراچي جي ضرورت به آهي، اسان ايم ايل ون ٺاهينداسين، هي ڪراچي جي عوام سان ناانصافي آهي، هن چيو ته ڪي سي آر جيڪو شروع ڪيو ويو آهي ان جي رائيڊر شپ 22 سيڪڙو آهي. ٻئي طرف سيد مراد علي اڄ اوچتو واهڙ پهچي ويو، جتي هن ڀرسان موجود قبرستان ۾ مدفون والدين جي مزارن تي حاضري، فاتحه خواني ڪئي، وڏي وزير جي اچتو اباڻي ڳوٺ پهچڻ تي ڄامشورو ضلعي انتظاميه ۽ سيوهڻ تعلقي انتظاميه ۾ ٿرٿلو پئجي ويو آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت جي سُڌ سماءَ واري کاتي توڙي مقامي ميڊيا کي به ان سلسلي ڪا ڄاڻ نه ڏني وئي
235