اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ امن کي خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ اڻٽر سمجهي ٿو. اڄ دنيا افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي ٽياڪڙي وارين ڪوششن جي واکاڻ ڪري رهي آهي. اهڙو اظهار هن پاڪستان ۾ مقرر افغانستان جي نئين سفير نجيب الله علي خيل سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن خميس ڏينهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم جي ڪابل جي دوري، پاڪ افغان ناتن ۽ افغانستان ۾ جاري امن عمل تي گفتگو ڪئي. پرڏيهي وزير پاڪستان ۾ افغان سفير جون ذميواريون سنڀالڻ تي نجيب الله علي خيل کي مبارڪون ڏنيون ۽ چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ گهرا ۽ برادراڻا ناتا آهن. نائيجر ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 47هين اجلاس جي موقعي تي مون کي افغان منصب سان ملاقات جو موقعو مليو. شاه محمود قريشي چيو ته افغان پرڏيهي وزير افغان امن عمل ۾ پاڪستان جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان جي ڪابل جي دوري سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڊگهي مدي واري ٻه طرفي سهڪار کي هٿي وٺائڻ ۾ مدد ملندي. شاه محمود قريشي چيو ته اسان افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ سان گڏوگڏ افغان پناهگيرن جي باعزت وطن واپسي جا خواهشمند آهيون. افغان سفير نجيب الله علي خيل پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا ۽ پاڪ افغان ناتن کي هٿي وٺائڻ لاءِ پنهنجون ڀرپور ڪوششون ڪتب آڻڻ جو يقين ڏياريو.
187