اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) انساني حقن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو آهي ته موجوده حڪومت انساني حقن جي حوالي سان تمام گهڻا قدم کنيا آهن. ٻارڙن ۽ عورتن جي تحفظ سميت مظلوم طبقي جي حقن لاءِ ڪم ڪيو آهي. ٻارن ۽ عورتن تي تشدد جي حوالي سان ڪيترائي نوان قانون ٺاهيا جڏهن ته جبري گمشدگي ۽ صحافين جي تحفظ لاءِ بل تياري جي مرحلي ۾ آهي. ماڻهن ۾ سندن حقن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙو اظهار هن انساني حقن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان جاري ڪيل پنهنجي هڪ ويڊيو پيغام ۾ ڪيو.. شيرين مزاري چيو ته 10 ڊسمبر تي سڄي دنيا ۾ انساني حقن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي. پاڪستان ۾ به اسان انساني حقن جو ڏينهن ڀرپور نموني سان ملهائيندا آهيون. پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت انساني حقن کي اڳيان وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ڪندي رهندي. اسان خاص طور تي نوان قانون ٺاهيا آهن، جن ۾ ٻارن ۽ عورتن تي جنسي تشدد خلاف نئون آرڊيننس اينٽي ريپ آرڊيننس ۽ ٻارن تي تشدد خلاف زينب الرٽ جو قانون شامل آهي. هن چيو ته وزيراعظم سٽيزن پورٽل تي زينب الرٽ ايپ به ٺهي چڪو آهي جڏهن ته نيشنل ڪميشن آن دي رائيٽس آف چائلڊ به جوڙيو ويو آهي. هن چيو ته عورتن تي تشدد خلاف اسان ايپ تيار ڪئي آهي، جنهن ۾ عورتن کي سهولت ڏني وئي آهي ته جيڪڏهن اهي فون تي نٿيون ڳالهائي سگهن ته هو پنهنجي فون جو هڪ بٽڻ دٻائين ته ايس او ايس مئسيج لاڳاپيل پوليس تائين پهچي ويندو.
