261

وزيراعظم مخالف ڌر کي ڪجهه مهينن لاءِ جلسا ملتوي ڪرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي: جلسن سان مون تي ڪوبه فرق نه ٿو پوي پر ماڻهن جي زندگين کي خطرو آهي: عمران خان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان مخالف ڌر کي ڪجهه مهينن لاءِ جلسا ملتوي ڪرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي آهي ۽ چيو آهي ته جلسن سان مون تي ڪوبه فرق نه ٿو پوي پر ان سان ماڻهن جي زندگين کي خطرو آهي، قوم کي به اپيل آهي ته اها احتياط ڪري ۽ ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪري، اسان ڪورونا جي پهرئين لهر ۾ ماڻهن کي لاڪ ڊائون کان بچايو، پهرين لهر ۾ قوم ايس او پيز تي عمل ڪيو پر ٻي لهر ۾ باقي دنيا کي به ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ مشڪل ٿي ويو آهي، ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ سان اسان جي اسپتالن ۽ صحت ورڪرن تي دٻاءَ پوندو. وزيراعظم عمران خان چيو ته مخالف ڌر جي جلسن سان مون تي ڪو دٻاءُ نه پوندو، هو رڳو ماڻهن جي حياتين کي خطري ۾ وجهي رهيا آهن، مخالف ڌر کي اپيل ڪريان ٿو ته 3_2 مهينا جلسا ملتوي ڪن، ڇاڪاڻ ته جلسن سان ڪورونا پکڙجڻ جو خطرو آهي، ملتان ۾ پي ڊي ايم جي جلسي کانپوءِ ڪورونا وارڊ جا 64 سيڪڙو بيڊ ڀرجي ويا. وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته آمريڪا ۽ يورپ ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ تيزيءَ سان واڌ اچي رهي آهي، ڀارت ۾ ڪورونا سبب ڏيڍ لک کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا آهن، پوري قوم کي هاڻي ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪرڻ گهرجي، ماسڪ جي استعمال سان ڪورونا پکڙجڻ جا چانس گهٽجي وڃن ٿا، جيڪڏهن اهڙي ئي ريت ڪورونا ۾ واڌ ٿيندي رهي ته اسپتالون ڀرجي وينديون، وڌيڪ ٿڌ ۾ ڪورونا ڪيس  وڌڻ جو خدشو آهير، هن وقت پشاور ۾ 40 سيڪڙو ڪورونا جي مريضن جا بيڊ ڀرجي چڪا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو