اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ ناڻي واري وفاقي وزير طور قسم کڻي ورتو آهي، قسم کڻائڻ واري تقريب ايوان صدر ۾ ٿي، جنهن ۾ صدر عارف علوي عبدالحفيظ شيخ کي حلف کڻايو، جنهن کانپوءِ عبدالحفيظ شيخ کي ناڻي واري کاتي جو قلمدان سونپڻ وارو نوٽيفڪيشن اڄ ئي جاري ٿيڻ جا امڪان آهن، صلاحڪارن ۽ خصوصي صلاحڪارن بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ وزيراعظم عمران وڌيڪ ٻن صلاحڪارن عبدالرزاق دائود ۽ ڊاڪثر فيصل سلطان کي وفاقي وزير بڻائن جو پڻ فيصلو ڪري ورتو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم پنهنجا آئيني اختيار استعمال ڪندي ڪنهن به اڻ چونڊيل شخص کي 6 منهنن لاءِ وفاقي وزير مقرر ڪري سگهي ٿو، عبدالحفيظ شيخ، عبدالرزاق دائود ۽ ڊاڪٽر فيصل سلطان کي مارچ ۾ سينيٽ جي چوڊن دوران ٽڪيٽ ملڻ جا امڪان پڻ ظاهر ڪيا پيا وڃن.
263