207

پاڪستان جو ايل او سي جي خلاف ورزي ڪرڻ تي ڀارت خلاف سخت احتجاج

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڪنٽرول لائين تي فائر بندي واري ٺاهه جي خلاف ورزي ڪندي بنا ڪنهن سبب جي  فائرنگ  ۽ گولا باري ڪرڻ تي ڀارتي هائي ڪميشن جي سينيئر عملدارن کي پاڪستان جي پرڏيهي آفيس طلب ڪيو ويو ۽ شديد قسم جو احتجاج نوٽ ڪرايو ويو، پرڏيهي آفيس جي ترجمان مطابق اسلام آباد ۾ ڀارتي هائي ڪميشن جي سينيئر سفارتڪار کي پرڏيهي آفيس گهرايو ويو ۽ ڪنٽرول لائين تي ڀارتي فوج جي فائرنگ ۽ گولا باري تي شديد احتجاج رڪارڊ ڪرايو، پرڏيهي آفيس جي ترجمان مطابق ڀارتي فوج 9 ڊسمبر تي ايل او سي جي تتا پاڻي سيڪٽر تي بنا ڪنهن سبب جي فائرنگ ۽ گولا باري ڪئي، ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ 55 ورهين جي هڪ عورت به زخمي ٿي پئي هئي، پاڪستاني پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته ڀارت طرفان جنگ بندي خلاف ورزي علائقائي امن ۽ سلامتي جي لاءِ خطرو آهي ڀارت 2003ع جي جنگ بندي واري معاهدي جو احترام ڪري. 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو