ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ اڳوڻي ڊي جي هيلٿ سوڌو وڌيڪ 3 ڊاڪٽر ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي ويا آهن. صحت کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3 ڊاڪٽرن ڪورونا وائرس سبب دم ڏنو آهي، فوت ٿيندڙن ۾ جناح اسپتال جو رٽائرڊ ڊاڪٽر طاهر امين چوڌري، خانگي ڪلينڪ جو ڊاڪٽر وسيم الدين ۽ اڳوڻو ڊي جي هيلٿ ڊاڪٽر عبدالستار ڪورائي شامل آهن.
