273

عوامي رابطا ريلي: مريم نواز سوڌو ليگي اڳواڻن خلاف 4 ڪيس داخل

لاهور (ويب ڊيسڪ) مينار پاڪستان تي پي ڊي ايم جي جلسي لاءِ مريم نواز جي اڳواڻيءَ ۾ عوامي رابطا مهم سبب مريم نواز سميت ٻين ليگي اڳواڻن خلاف 4 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. مريم نواز ۽ ٻين ليگي اڳواڻن خلاف 4 ڪيس اڇره، گوالمنڊي، لوهاري گيٽ ۽ مزنگ پوليس اسٽيشن تي داخل ڪيا ويا آهن. گوالمنڊي پوليس تپيدار ظفر عباس جي فرياد تي 2 ڪيس داخل ڪيا، ڪيس ۾ فيصل، چوڌري ارشد، عامر خان ۽ عرفان بٽ کي نامزد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هڪ سئو کان وڌيڪ اڻڄاتل ليگي ڪارڪنن کي به ايف آءِ آر ۾ نامزد ڪيو ويو آهي. لوهاري گيٽ تي ڪيس تپيدار ملڪ مبشر جي درخواست تي داخل ڪيو ويو، ايف آءِ آر ۾ ليگي اڳواڻ مريم نواز، ڪاشف گجر، محمد طارق ۽ محمد جاويد کي نامزد ڪيو ويو آحي، جڏهن ته ڪيس ۾ سائونڊ سسٽم مهيا ڪندڙ عبدالرحمان کي به نامزد ڪيو ويو آهي. جڏهن ته مزنگ پوليس ڪيس ۾ مريم نواز سميت 200 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي نامزد ڪيو  ويو، پوليس ڪيس تپيدار شاهنواز جي درخواست تي داخل ڪيو، جڏهن ته اڇره ۾ ڪيس گرد ۽ محمد منشا جي فرياد تي داخل ڪيو ويو. هڪ ڪيس هوٽل مالڪ خلاف به داخل ڪيو ويو، جتي مريم نواز ۽ ٻين ليگي اڳواڻن ماني کاڌي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو