214

پي ڊي ايم جي استعيفيٰ واري معاملي تي مخالف ڌر جي پارٽي اڳواڻن ۾ ڳالهين جو سلسلو جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت مخالف پارٽين جي اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي اسيمبلي ميمبرن طرفان استعيفائون ڏيڻ واري معاملي تي پي ڊي ايم ۾ شامل وڏين پارٽين جي اڳواڻن وچ ۾ ڳالهين جو سلسلو جاري آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاهور پهچي ويو آهي، جتي مريم نواز ۽ مولانا فضل الرحمان ۽ ٻين اڳواڻن سان ملاقات ڪري رهيو آهي، بلاول ڀٽو زرداري جاتي امراءَ ۾ پهچي مريم نواز سان سندس ڏاڏي بيگم شميم اختر جي لاڏاڻي تي تعزيت پڻ ڪندو. ذريعن مطابق اڳواڻن وچ ۾ ملاقات دوران لاهور واري جلسي، استعيفائن واري معاملي سميت اهم اشوز تي ڳالهيون ڪيون وينديون. بلاول ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز استعيفيٰ واري معاملي تي پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان کي پنهنجي خدشن کان پڻ آگاهه ڪندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو