251

ڪورونا سبب ملڪ جا بند پيل تعليمي ادارا…

ليکڪ: سرمد جوکيو

ڪورونا وائرس سبب جتي ٻيا جاني ۽ مالي نقصان پوري دنيا کي وڪوڙي رھيا آھن، اتي تعليمي حوالي سان ٿيندڙ نقصان جو ازالو به تمام مشڪل آھي، ان حوالي سان پوري پاڪستان جا اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون ۽ شاگردن جي تعليمي جياپي جو ذريعو بڻيل لائبريريون پڻ بند پيل آھن، جڏھن ته ڪورونا جي پھرين لھر ۾ به خاص طور تي تعليمي ادارن کي ئي مڪمل طور تي بند ڪيو ويو هو، جيڪو ڪم سڀ کان پھريان سنڌ حڪومت ئي شروع ڪيو ۽ باقي ٻيون سڀ سرگرميون جنرل اسٽور، ھوٽلون، شادي ھال، مارڪيٽون، پڙيون ٿوري گھڻي فرق سان ھلنديون رھيون، خير جڏھن ڪورونا وائرس جي پھرين لھر جو تقريبن خاتمو ٿيو ۽ حڪومت تعليمي ادارا کولڻ جي منظوري ڏني ته ھڪ دفعو ٻيھر اميدن جا ڏيئا روشن ٿي پيا ته ھاڻي فڪر لٿو تعليمي سرگرميون بحال ٿي ويون، پر ڪجهھ وقت کانپوءِ ڪورونا جي ٻي لھر ڪر کنيو ته وري خطري جي گھنٽي وڄڻ شروع ٿي وئي ۽ ھن دفعي به ٻيا ڪاروبار ۽ سرگرميون ته ھلائڻ تي راضپو ڏيکاريو ويو پر تعليمي ادارن ھڪ دفعو ٻيھر بند رکڻ جو حڪم ڏنو ويو، فارملٽي طور ڪجھه وقت لاءِ آنلائن ڪلاسز وٺڻ جو ۽ بعد ۾ سياري جي موڪلن جو اعلان ڪيو ويو. ڏٺو وڃي ته حڪمرانن جا ٻار گهڻو ڪري ته پاڪستان ۾ پڙهندا ئي نه آهن، اهي ٻاهرين ملڪن ۾ جديد تعليم پرائيندا آهن ۽ اهي ته گھر ويٺي آنلائين ڪيترن به پئسن عيوض پڙھي سگھن ٿا , انھن کي ته گھر ويٺي به ھزارين روپين عيوض ھوم ٽويٽر اچي سبق پڙھائي ويندو پر غريب طبقو جيڪو ڏھاڙي ڪمائڻ وارو آھي ۽ ان ڪمائيءَ مان پنھنجي ٻار کي سرڪاري اسڪول ۾ داخل ڪرائي ٿو ته جيئن اھو تعليم پرائي اڳتي وڌي ڪجهھ ٿي ڏيکاري، جنھن پورھيت پيءُ وٽ ٻار کي رجسٽر وٺي ڏيڻ جا پئسا به بچت ڪري گڏ ڪرڻا ٿا پون ان وٽ ته اھڙي تعليم جو ڪو تصور به ناھي، انھن جو جياپو ته صرف اھي سرڪاري اسڪول ئي آھن جن  کي تالو لڳل آهي، سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته ڪورونا وائرس جي ھوندي به جيڪڏهن ٻيون سڀ سرگرميون ھلي رھيو آھن، ھوٽلون به کليل آھن، مارڪيٽون جتي ماڻھن جا ھجوم ھجن ٿا ۽ اتي ايس او پيز جو ڪو تصور به ناھي اھي به کليل آھن، بازارون به کليل آھن جتي ماڻھن جي پيهه آھي، ته پوءِ صرف تعليمي ادارا ئي بند ڇو؟ آئون ته سمجھان ٿو ته تعليمي ادارن ۾ جيترو ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ آسان آھي ايترو ٻئي ڪٿي به ناھي ته پوءِ آخر تعليمي ادارن کي ئي صرف بند ڪرڻ جو ڪارڻ ڇا آھي؟ اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين کي بند ڪرڻ سان گڏوگڏ لائبريرين کي به بند ڪيو ويو آھي جنھن جي ڪري مقابلي وارن امتحانن جي تياري ڪندڙ شاگرد تمام پريشانيءَ ۽ مونجھاري جو شڪار بڻيل آھن ڇاڪاڻ ته جتي مقابلي وارن اعليٰ سطح جي امتحانن لاءِ نوجوان ھڪٻئي کان گوءِ کڻڻ جي ڊوڙ ۾ لڳل آھن اتي وسيلن جو ھجڻ يا نه ھجڻ ھڪ اھم حيثيت رکي ٿو، اھڙي مرحلي ۾ جتي شاگردن جو ھڪ ڏينھن ضايع ٿيڻ به تياريءَ ۾ وڏو نقصان تصور ڪيو وڃي ٿو اتي مسلسل لائبريرين جو بند ھجڻ ڪيترو ناڪاره اثر رکندو اھو ته ھڪ شاگرد ئي ڄاڻي سگھي ٿو جيڪو ان مرحلي مان گذري رھيو ھوندو، لائبريرين جو متبادل ڪوبه ناھي ڇاڪاڻ ته ڪنھن کي به پنھنجي گھر، اوطاق يا ڪنھن به ٻئي ھنڌ اھڙو سڪون وارو ماحول ناھي ملي سگھندو جھڙو ھڪ لائبريري ۾ ھوندو آھي، جيڪڏهن ھر ھنڌ ھڪجھڙي پڙھائي (تياري) ڪري سگھجي ھا ته پوءِ نوجوان شاگرد پنھنجا خرچ ڪري ڪشالا ڪاٽي وڏن شھرن ڏانھن وڃي لائبريرين جا رخ نه ڪن ھا،  لائبريري شاگردن جي ھر دؤر ۾ اھم ضرورت رھي آھي، ھاڻي اچون ٿا ان ڳالهه تي ته لائبريرين جو بند ھجڻ يا کليل ھجڻ ڪورونا وائرس جي ڦھلاءُ تي ڪھڙا اثر وجھندو ان حوالي سان اسان اھو چئي سگھون ٿا ته سي ايس ايس يا پي سي ايس يا ڪنھن به مقابلي واري امتحان جي تياري لاءِ لائبريري ايندڙ اميدوار يقينن ايترا ميچوئر ھوندا آھن جو اھي ڪورونا وائرس جي موذي مرض لاءِ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪري سگھن،  ھتي ته اھا ڳالھه بلڪل به نٿي ٺھڪي ڇاڪاڻ ته اھا ڳالهھ عقل تسليم نه ڪندو ته ھڪ مارڪيٽ ۽ دوڪان ھلائڻ وارا اعليٰ سطح جي پڙھيل لکيل شاگردن کان وڌيڪ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪندا، حيرت جھڙي ڳالهھ آھي ته جن اسڪولن کي ڪورونا جو سبب ڄاڻائي بند ڪيو ويو آھي انھن ئي اسڪولن ۾ احساس پروگرام جي پئسن وٺڻ لاءِ ھزارين عورتون جمع ٿين پيون جن کي نه ته ڪا ايس او پيز  جي خبر آھي نه ئي ڪو اھڙو نظام جوڙيو ويو آھي جو کين احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرائجي پر اتي ڪوبه ڪورونا جو خطرو ناھي، ڪورونا جو صرف تعليم سان ئي وير آھي۔ معيشت کي برقرار رکڻ لاءِ جڏھن حڪومت ڪاروبار کولڻ جي اجازت ڏئي سگھي ته ايس او پيز تحت تعليمي ادارن کي به کولڻ جي اجازت ملڻ گھرجي. ڇو ته ترقي يافته قومون تعليم جي معاملي ته ڪوبه ڪمپرومائيز ناھن ڪنديون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

ڪورونا سبب ملڪ جا بند پيل تعليمي ادارا…” ایک تبصرہ

پنهنجي راءِ ڏيو