285

سعودي ولي عهد لاءِ ڏکيون بڻيل 3 مهمون…

ليکڪ: فرينڪ گارڊنر

هي سعودي عرب جي قيادت لاءِ انتهائي ڏکيا ۽ بيچيني سان ڀرپور ڏينهن آهن، خاص طور تي ملڪ جي طاقتور اڳواڻ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان لاءِ، سعودي عرب ۾ شهزادو محمد بن سلمان اڄ به مشهور آهي، پر عالمي طور تي هو پاڻ مٿان 2018ع ۾ قتل ڪيل صحافي جمال خاشقجي جي قتل بابت شڪ دور نه ڪري سگهيو آهي، هن وقت هڪ نئين آمريڪي انتظاميا وائيٽ هائوس ۾ اچڻ جي تياري ڪري رهي آهي ۽ نئين چونڊيل صدر جوبائيڊن واضح ڪيو آهي ته هو ڪجهه سعودي معاملن تي پنهنجي پيش رو کان وڌيڪ سخت موقف رکندو، اهي ڪهڙا اهڙا مسئلا آهن جيڪي غور طلب آهن ۽ واشنگٽن ۽ رياض ۾ انهن کي ڇو اهميت ڏني پئي وڃي؟

يمن جي جنگ: هيءَ جنگ انهن سمورن ملڪن لاءِ هڪ سانحي کان گهٽ نه آهي جيڪي هن جنگ جو حصو آهن، پر ان جو سڀ کان وڌيڪ نقصان يمن جي غريب ۽ خوراڪ جي کوٽ جو شڪار آبادي کي کڻڻو پيو آهي، سعودي عرب ان تڪرار جي شروعات نه ڪئي هئي، ان جي شروعات حوثي باغين ان وقت ڪئي هئي، جڏهن اهي سن 2014ع جي آخر ۾ يمن جي گادي واري هنڌ صنعا تائين مارچ ڪندا پهچي ويا هئا ۽ انهن هڪ قانوني يمني حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو هو، حوثي باغي دراصل ملڪ جي اتر ۾ موجود پهاڙي علائقي ۾ رهندڙ قبيلن مان آهن ۽ اهي ملڪ جي 15 سيڪڙو کان به گهٽ آبادي جي نمائندگي ڪن ٿا، مارچ 2015ع ۾ موجوده ولي عهد ۽ ان وقت جي دفاع واري وزير شهزاده محمد بن سلمان ڳجهي انداز ۾ عرب ملڪن جو هڪ اتحاد قائم ڪيو ۽ ڀرپور فضائي طاقت سان جنگ جو حصو بڻجي ويا، کين اميد هئي ته اهي ڪجهه ئي مهينن ۾ حوثي باغين کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندا ۽ اڄ تقريبن 6 سال ۽ هزارين ماڻهن جي موت لڏپلاڻ ۽ ٻنهي طرفن کان ڪيل جنگي ڏوهن کانپوءِ به سعودي عرب جي سربراهي ۾ موجود اهو اتحاد صنعا ۽ وڏي آبادي مغربي يمن مان حوثي باغين کي ڪڍڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو آهي، ايران جي مدد سان حوثي باغين سعودي عرب تي ميزائل ۽ ڊرون حملا به ڪيا ۽ سعودي عرب ۾ تيل جي ٺڪاڻن کي به نشانو بڻايو آهي ۽ هي تڪرار يقينن هڪ مهانگي رڪاوٽ آهي ۽ ان حوالي سان ٺاهيل اڪثر امن وارا منصوبا ناڪام ٿي چڪا آهن، يمن جي جنگ سبب جتي موت ٿي رهيا آهن اتي سعودي عرب جي خزاني مان ان جنگ تي وڏي رقم به خرچ ٿي رهي آهي ۽ عالمي ميڊيا ۾ ان حوالي سان سخت تنقيد به ڪئي پئي وڃي. سعودي عرب جي قيادت ان جنگ مان پروقار انداز ۾ نڪرڻ چاهي ٿي پر سندس موقف آهي ته هو ان جنگ جو حصو ان لاءِ ٿيا هئا ته جيئن پنهنجي ڏاکڻي سرحد تي ايران جي وڌندڙ اثر کي روڪي سگهن، ان لاءِ اهي ايراني حامي هٿياربند مليشيا کي اقتدار ۾ نٿا ڏسڻ چاهين، پر ان حوالي سان هاڻ سعودي عرب وٽ وقت ڏاڍو گهٽ رهجي ويو آهي، سن 2016ع تائين پنهنجي صدارت جي آخر ۾ اڳوڻي آمريڪي صدر براڪ اوباما سعودي عرب کي آمريڪي حمايت ڏيڻ کان پوئتي هٽي رهيو هو، جڏهن ٽرمپ اقتدار ۾ آيو ته هن ايندي ئي ان پاليسي کي ختم ڪيو ۽ رياض کي اها سموري ڳجهي معلومات ۽ شيون مهيا ڪيون، جنهن جي ان کي ضرورت هئي پر هاڻ بائيڊن انتظاميا اهو اشارو ڏنو آهي ته اڳتي ائين نه ٿيندو، هن جنگ کي جيئن تيئن ختم ڪرڻ جي حوالي سان دٻاءَ وڌي رهيو آهي.

سعودي عرب ۾ قيد عورتون: اهو سعودي قيادت لاءِ عالمي لاڳاپن جي حيثيت ۾ هڪ سانحي کان گهٽ نه آهي، هن وقت تائين 13 پرامن عورت سماجي ڪارڪنن کي جيل ۾ بند ڪيو ويو آهي ۽ ڪجهه ڪيسن ۾ ته انهن مٿان تشدد به ڪيو ويو آهي، جيتوڻيڪ انهن جو ظاهري ڏوهه صرف اهو هو ته هو عورتن لاءِ ڊرائيونگ جو حق يا مردن جي سرپرستي واري غير منصفاڻي نظام جو خاتمو چاهي رهيون هيون، انهن مان ڪيتريون اهڙيون به آهن، جن کي 2018ع ۾ عورتن تي ڊرائيونگ ڪرڻ جي پابندي هٽائڻ کان ڪجهه عرصو اڳ گرفتار ڪيو ويو هو ۽ انهن ۾ مشهور سماجي ڪارڪن لجين الهذلول پڻ هڪ آهي، سعودي عملدار اها دعويٰ ڪن ٿا ته لجين الهذلول جاسوسي ڪرڻ جي مرتڪب ٿي چڪي آهي، ۽ ان ڏس ۾ ”غير ملڪي قوتن کان رقم به وٺي چڪي آهي پر ان حوالي سان حڪومت طرفان ڪو به ثبوت سامهون نه آيو آهي“ سندس دوست ٻڌائين ٿا ته هن هڪ غير ملڪي انساني حقن جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ گڏيل قومن ۾ نوڪري حاصل ڪرڻ جي ڪوشش کانسواءِ ڪجهه به ناهي ڪيو، سندس خاندان طرفان ملندڙ معلومات مطابق لجين مٿان تشدد ڪيو ويو آهي ۽ کيس بجلي جا جهٽڪا به ڏنا ويا آهن ۽ قيد دوران ريپ ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي ۽ جڏهن ان سان آخري ملاقات ٿي ته هوءَ انتهائي خراب طريقي سان ڏڪي رهي هئي، يمن جنگ وانگر هو اهو کڏو آهي جيڪو سعودي قيادت پنهنجي لاءِ پاڻ کوٽيو آهي ۽ هاڻ هو جيئن تيئن ان کڏي مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، ايتري ڊگهي عرصي تائين انهن عورتن کي حراست ۾ رکڻ، ڪو به ثبوت سامهون آڻڻ کانسواءِ جنهن جي ملڪ جي آزاد عدالتن ۾ ڪا اهميت هجي سعودي قيادت وٽ هاڻ ان مان نڪرڻ جو سڀ کان واضح حل هڪ عام معافي آهي، عين ممڪن آهي ته بائيڊن انتظاميا به ان مسئلي کي اجاڳر ڪري.

قطر جو بائيڪاٽ: ظاهري طور تي هي مسئلو پردي پويان ڪويت طرفان ڪيل جامع ثالثي کانپوءِ حل ٿيڻ وارو آهي پر ان مسئلي جون پاڙون انتهائي گهريون آهن، سن 2017ع ۾ صدر ٽرمپ جي رياض جي دوري کان ڪجهه ڏينهن پوءِ سعودي عرب گڏيل عرب امارتن بحرين ۽ مصر سان گڏجي پنهنجي خليجي پاڙيسري قطر جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، ان طرفان ان حوالي سان جيڪو سبب ٻڌايو ويو هو اهو اهو ته قطر اسلام پسند گروهن جي حمايت ڪري رهيو آهي جيڪو دهشتگردي جي برابر ۽ قبوليت جوڳو نه آهي، گڏيل عرب امارتن طرفان دستاويزن جو هڪ تفصيلي مجموعو به ڇپرايو ويو، جنهن ۾ انهن مبينا دهشتگردن جو ذڪر هو جيڪي قطر ۾ رهن ٿا پر قطر طرفان دهشتگردي جي حمايت ڪرڻ جي الزامن کي رد ڪيو ويو ۽ هن انهن چئن ملڪن جي مطالبي تي عمل ڪرڻ کان به انڪار ڪيو، جن ۾ ملڪ جي ٽي وي براڊ ڪاسٽر الجزيرا کي محدود ڪرڻ جو مطالبو به شامل هو، يمن جي حوثي باغين وانگر قطري حڪومت کان به اها اميد ڪئي وئي ته اها نيٺ گوڏا کوڙي ڇڏيندي، جيڪا غلط ثابت ٿي، ان جو هڪ سبب قطر وٽ موجود ججهي دولت آهي، قطر وٽ سمنڊ ۾ گئس جا ذخيرا آهن، هن نه صرف برطانياجي معيشت ۾ 40 ارب پائونڊ جي سرمائيڪاري ڪئي آهي پر هو ترڪي ۽ ايران جي به مدد ڪري ٿو،  ان جي ڪري ويجهن ڏينهن ۾ وچ اوڀر ۾ هڪ واضح ڏار نظر اچي رهيو آهي، هڪ طرف قدامت پسند سني اڪثريتي خليجي ملڪ سعودي عرب، گڏيل عرب امارتون، بحرين ۽ مصر آهن، جڏهن ته ٻئي طرف قطر، ترڪي ۽ لاتعداد سياسي اسلام پسند تحريڪون جن جي هي ٻئي حمايت ڪن ٿا، جيئن اخوان المسلمين ۽ حماس، انهن غير ملڪي تحريڪن کي وري پهريان 4 ملڪ ڳڻي جي نگاهه سان ڏسن ٿا ۽ کين پنهنجي سلامتي لاءِ خطرو سمجهن ٿا، ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته 3 ساڍا سال ڊگهي قطري بائيڪاٽ ٻنهي طرفن جي ملڪن لاءِ معاشي ۽ سياسي حوالي سان نقصان ڏنو آهي، ان عرب خليجي ملڪن جي اتحاد کي به ڪمزور ڪيو آهي جڏهن ته عرب خليجي ملڪن جي قيادت ۾ ايران جي ائٽمي ۽ ميزائل پروگرام جي حوالي سان ڳڻتي به وڌي رهي آهي، صدر ٽرمپ جي سفارتي نمائندي جيرڊ ڪشنر وچ اوڀر ان بائيڪاٽ جي خاتمي لاءِ ڪوششون ڪيون آهن ۽ بائيڊن انتظاميا به ان جو حل چاهيندي، قطر العبيد ۾ پينٽاگان جي سڀ کان وڏي غير ملڪي فوجي اڏي جي ميزباني ڪري ٿو پر ڳالهين دوران جن ڳالهين تي به اتفاق ٿيو ان تي حقيقت ۾ عمل ڪرڻ جي به ضرورت پوندي، قطر کي پنهنجي پاڙيسرين کي معاف ڪرڻ ۽ انهن کي قطر تي اعتبار ڪرڻ ۾ شايد سال لڳي ويندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو