ايڊيٽوريل
ملڪ ۾ ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن بعد ٻيهر تعليمي ادارا پوڻن ٻن مهينن لاءِ بند ڪيا ويا آهن، وفاقي حڪومت سمورن صوبائي تعليمي وزيرن سان گڏ هڪ اجلاس بعد گذريل مهيني جي 26 تاريخ کان تعليمي ادارا مڪمل طور بند ڪيا، حڪومت نه رڳو تعليمي ادارا پر لائبريريون پڻ بند ڪيون آهن، ان کان اڳ جڏهن ڪورونا جي پهرين لهر آئي هئي، ان وقت به حڪومت احتياطي تدبيرن طور تعليمي ادارا بند ڪيا هئا، جيڪي تقريبن 7 مهينن تائين بند هئا ۽ ان کانپوءِ ادارا ٻيهر کوليا ويا هئا جيڪي مهيني ڏيڍ کانپوءِ وري بند ڪيا ويا آهن، ملڪ اندر تعليمي ادارا بند ڪرڻ جي حوالي سان 2 مختلف رايا آهن، هڪ راءِ جي ماڻهن جو خيال آهي ته تعليم بلڪل قومن جو مستقبل سنواري ٿي ۽ ترقي جو هر قدم تعليم جي رستي تان گذري ٿو، پر ڪورونا جيئن ته هڪ اهڙي وبا آهي جنهن جو علاج اڃا تائين دريافت نه ٿي سگهيو آهي ۽ اها سڄي دنيا ۾ خوف جي علامت بڻيل آهي ۽ هن وقت تائين لکين انسانن جون حياتيون وٺي چڪي آهي، ان ڪري سڀ کان پهريان احتياط آهي ۽ ٻار جي تعليم کان وڌيڪ ان جي زندگي اهميت رکي ٿي، جيڪڏهن ٻار جيئرو هوندو ته پڙهندو، لکندو به صحيح، پر ٿورڙي غفلت جي ڪري جيڪڏهن ان جي زندگي سان حادثو پيش آيو ته پوءِ اهو نه ڀرجڻ جو نقصان هوندو، جڏهن ته ٻي راءِ جي ماڻهن جو خيال آهي ته جڏهن ملڪ اندر ٻيون سڀ شيون هلي رهيون آهن ته پوءِ آخر تعليمي ادارا ڇو ٿا بند ڪيا وڃن، ماڻهو ان راءِ جا آهن ته تازو جڏهن ڪورونا جي ڪري تعليمي ادارا ته بند ڪيا ويا آهن پر وڏيون مارڪيٽون، بازارون، هوٽلون ۽ ڪاروبار کليل آهن، جتي وڏي پيهه ٿئي ٿي، ايس او پيز تحت بند ڪيل اسڪولن ۾ احساس ڪفالت سينٽر هلايا پيا وڃن، جتي روزانو سوين ۽ هزارين عورتون اچن ٿيون، جيڪي ڪنهن به ايس او پيز تي عمل نه ٿيون ڪن، جڏهن ته تعليمي ادارن ۾ ايس او پيز ڪرائڻ آسان آهي، گڏوگڏ لائبريريون بند ڪرڻ سان پڻ قوم جي انهن نوجوانن کي نقصان پهچي رهيو آهي، جيڪي چٽاڀيٽي جي امتحان جي تياري ڪن ٿا، دليل اهو ڏنو ٿو وڃي ته اهي نوجوان ذهني طور تي بالغ ۽ ميچوئر آهن ۽ اهي ايس او پيز تي عمل به ڪري سگهن ٿا ته پوءِ آخر ادارا ڇو بند ڪيا ويا آهن، ڏٺو وڃي ته پاڪستان ۾ هيٺين ۽ عام طبقي جي ماڻهن جي گهڻائي آهي ۽ اسان وٽ آبادي جو وڏو حصو ٻهراڙين ۾ رهي ٿو، جتي ماڻهن وٽ سرڪاري اسڪولن کانسواءِ ٻيا ڪي ادارا نه آهن، ان ڪري ملڪ جي 80 سيڪڙو کان به وڌيڪ ماڻهن جا ٻار سرڪاري ادارن ۽ اسڪولن تي ڀاڙين ٿا ۽ انڌي يا منڊي تعليم اتان ئي پرائين ٿا.
هي ٻه رايا گذريل 15، 20 ڏينهن کان مسلسل بحث هيٺ آهن، اسان سمجهون ٿا ته حڪومت کي ڄاڻايل ٻنهي راين کي سامهون رکڻ گهرجي ۽ ان کانپوءِ اهڙو فيصلو ڪرڻ گهرجي جيڪو عوام جي مفاد وٽان هجي، نه صرف ايترو پر حڪومتن جي اها ذميواري پڻ بڻجي ٿي ته اهي پنهنجي ڪيل فيصلن کي ٻيهر پڻ جاچين ۽ ان حوالي سان زميني حقيقتون به سامهون رکيون وڃن، اسان اهو سمجهون ٿا ته انساني زندگيون اهم آهن پر جڏهن انتظامي طور تي پنهنجي فيصلن تي مڪمل عمل ڪرائڻ واري ڳالهه اچي ٿي تڏهن ڏسجي ٿو ته ايس او پيز وارن فيصلن تي ائين عمل نه پيو ٿئي، جيئن ٿيڻ گهرجي، بهرحال وري به فيصلا ته حڪومتن کي ئي ڪرڻا آهن، اسان هتي عوام جي راءِ کي سامهون رکيو آهي، اسان رڳو اهو چاهيون ٿا ته اهڙا گڏيل فيصلا ڪيا وڃن، جنهن سان ماڻهن کي فائدو پهچي، ڇو ته جمهور جو مقصد به عوام جي ڀلائي آهي ۽ جمهوريت جو اهو حسن هوندو آهي ته قومي معاملن تي گڏيل فيصلا ڪيا وڃن. پر گڏوگڏ عوامي راءِ کي اهميت به ملڻ گهرجي، ڇو ته جمهور جو اصل آواز اهو آهي.