266

حڪومت ۽ مخالف ڌر جون الزام بازيون ۽ گرينڊ نيشنل ڊائلاگ…

ليکڪ: حامد مير

هي ڪو نئون الزام نه آهي، گهڻو پراڻو الزام آهي، جڏهن عمران خان مخالف ڌر ۾ هو ته چوندو هو ته نواز شريف جي حڪومت غير ملڪي ايجنڊا تي هلي رهي آهي، هاڻي عمران خان وزيراعظم آهي، مخالف اتحاد جي سربراهه مولانا فضل الرحمان کان بلاول ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز کان علامه ساجد مير تائين سڀ اهو الزام هڻي رهيا آهن ته عمران خان غير ملڪي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي، حڪومت ۽ اپوزيشن ٻئي هڪٻئي کي غير ملڪي ايجنٽ قرار ڏئي رهيا آهن، اهڙي صورتحال ۾ گرينڊ نيشنل ڊائلاگ ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟ ڪجهه هفتا اڳ جي ڳالهه آهي، مخالف ڌر جي هڪ انتهائي اهم شخصيت هڪ صاحب سان رابطو ڪيو ۽ چيو ته اوهان جا هر طرف لاڳاپا  آهن، اوهان گرينڊ نيشنل ڊائلاگ لاءِ ڪوشش ڪيو، ٻي صورت ۾ گهڻي دير ٿي ويندي، ان صاحب مختلف اسٽيڪ هولڊرن سان ڳالهايو ۽ سڀني ڊائلاگ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو، پر ڪير به ڪنهن تي به اعتماد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، هي اهي ڏينهن هئا جڏهن (ن) ليگ پنجاب جي صدر راڻا ثناءُ الله ۽ وفاقي وزير فواد چوڌري به نيشنل ڊائلاگ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو پر پوءِ اينٽي ڪرپشن پنجاب مسلم ليگ (ن) جي 50 کان وڌيڪ قومي اسيمبلي ميمبرن کي ڊيڄارڻ ۽ ڌمڪائڻ شروع ڪري ڇڏيو، نتيجي ۾ راڻا ثناءُ الله به ڊيڄارڻ ۽ ڌمڪائڻ تي اچي ويو، هاڻ جڏهن پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان بلاول ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز جي وچ ۾ بيهي اسيمبلين مان استعيفيٰ ۽ اسلام آباد طرف لانگ مارچ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ته ڊائلاگ جو مطلب حڪومت کي اين آر او ڏيڻ هوندو، اڍائي سالن تائين وزيراعظم عمران خان بار بار اهو اعلان ڪندو رهيو ته آئون ڪنهن کي به اين آر او نه ڏيندس، هو ڏاڙهي تي هٿ رکي مخالف ڌر کي ڌمڪيون ڏيندو رهيو ته آئون توهان کي ڏسي وٺندس، ڪيترائي وفاقي وزير اهڙا اعلان ڪندا رهيا ته جلد مسلم ليگ (ن) مان مسلم ليگ (ش) نڪري سامهون ايندي، اهو به چيو ويو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ڪڏهن به اسيمبلين تان استعيفيٰ نه ڏيندي پر نه ته (ن) مان (ش) نڪتي ۽ نه پيپلزپارٽي استعيفائن ڏيڻ کان انڪار ڪيو. اڍائي سالن تائين عمران خان اپوزيشن کي پنهنجي طاقت ڏيکاري، هاڻ اپوزيشن کي عمران خان کي پنهنجي طاقت ڏيکارڻي آهي،  بدقسمتي سان پاڪستان ۾ سياست نه پئي ٿئي، هتي سياست جي نالي تي هڪٻئي کان انتقام ورتو پيو وڃي،  عمران خان جو انتقام به انڌو آهي ۽ مخالف ڌر جو انتقام به، مرو يا مري وڃو واري سياست عمران خان شروع ڪئي ۽ ان کي مولانا فضل الرحمان انجام تائين پهچائيندو، اڄڪلهه پاڪستان جي سياست ۾ اهو ڪجهه ٿي رهيو آهي جيڪو اڳ ڪڏهن به نه ٿيو هو، پهريان ڪجهه رياستي ادارا مخالف ڌر سان گڏجي حڪومت ڪيرائيندا هئا، پهريون ڀيرو اهي ادارا حڪومت ڪيرائڻ بدران ان کي مخالف ڌر کان بچائي رهيا آهن، عام ماڻهو جي خيال ۾ هي ادارا نه ڪالهه نيوٽرل هئا ۽ نه اڄ نيوٽرل آهن، مخالف ڌر ڪڏهن آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ ۽ ڪڏهن ايف اي ٽي ايف جي معاملي ۾ قانونسازي ۾ حڪومت سان تعاون ڪيو پر حڪومت ان تعاون کي ڪمزوري سمجهيو ۽ نيٺ مفاهمت جي سڀ کان وڏي علمبردار شهباز شريف کي اڍائي سالن ۾ ٻيون ڀيرو گرفتار ڪرائي ڇڏيو، شهباز شريف جي گرفتاري کانپوءِ (ن) ليگ جي قيادت مريم نواز وٽ هلي وئي، جڏهن مريم نواز پي ڊي ايم جي جلسن کي خطاب ڪرڻ شروع ڪيو ته ٽي وي چئنلز اهي تقريرون ڏيکارڻ کان پاسو ڪندا  هئا، گهٽ ٻوسٽ جو ماحول هو پر مريم نواز ان ماحول ۾ اهو چوڻ شروع ڪري ڇڏيو جيڪو ڪنهن دور ۾ احمد فراز پنهنجي نظم محاصره ۾ چيو هو، مريم نواز پنهنجي تقريرن جي ذريعي ڪيترائي گهيرا ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سندس ان ڪوشش کي بي پناهه پذيرائي ملي، ان حقيقت ۾ ڪو به شڪ ناهي ته هوءَ سياست ۾ ان لاءِ آئي ڇو ته هوءَ نواز شريف جي ڌيءُ آهي، پر عمران خان جي مخالفن ۾ مشهوري جو سبب ان جو بيانيو آهي، جنهن کي قيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر اها ڪوشش ناڪام ٿي وئي، جنهن به شهباز شريف کي گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو اهو، مريم نواز جو اصل محسن آهي ۽ ان محسن جي مهرباني سان شهباز شريف ۽ مريم نواز سان ڀائٽيءَ وانگر نه پر پيءُ ۽ ڌيءُ وانگر متحد ٿي چڪو آهي، اوهان مريم نواز سان لک اختلاف ڪيو پر اوهان کي اهو مڃڻو پوندو ته هوءَ خوف جي ان گهيراءُ کي ٽوڙي چڪي آهي، جنهن جي نشاندهي گهڻا سال اڳ احمد فراز ڪئي هئي، اهو گهيراءُ ان وقت مڪمل طور تي ختم ٿيندو، جڏهن مريم نواز سميت مخالف ڌر جي ٻين اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويندو، ان لاءِ مولانا فضل الرحمان جيل ڀريو تحريڪ جي تجويز ڏئي چڪو آهي، جيل ڀرڻ سان عمران خان تي فرق نه پوندو پر جيل ڀرڻ سان خوف جو رهيل اهو ٿورڙو گهيرو پاش پاش ٿي سگهي ٿو جيڪو اڄ مخالف ڌر جو اصل هدف آهي،  اوهان مخالف ڌر جي قيادت سان ڊائلاگ جي ڳالهه ڪريو ته اهي تڙپي چون ٿا گهڻيون ٿي ويون ڳالهيون، وڃو انهن کي چئو اسان کي ماري ڇڏين، اسان کي جيل ۾ وجهن، هاڻ اسان ڪنهن تي به اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيون، پاڻ ئي سوچيو ته گهيراءُ ۾ ڊائلاگ ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ هڪ طرف مخالف ڌر تي ڪيس، ميڊيا تي دٻاءُ ۽ عدليا جي آزادي لاءِ خطرا آهن، ٻئي طرف وزيراعظم چوي ٿو ته مخالف ڌر جي تحريڪ پويان غير ملڪي هٿ آهن ته ڊائلاگ ڪيئن ٿيندو؟ ڇا اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جو بحث مخالف ڌر شروع ڪيو آهي؟ ڇا 5 آگسٽ 2019ع تي ٿيل سقوط ڪشمير مخالف ڌر ڪرايو هو؟ پهرين ته اهو ٻڌايو وڃي ته مخالف ڌر جي پويان ڪنهن جو ڳجهو هٿ  آهي؟ همٿ ڪيو، نالو ته ٻڌايو، مخالف ڌر به همٿ ڪري ۽ قوم کي اهو سڀ ٻڌائي ڇڏي جيڪو اڃا تائين راز ۾ آهي.سڀ سچايون سامهون آنديون وڃن، فيصلو ٿي وڃي ته وطن دشمن ڪير آهي ۽ آئين ۽ قانون جو دشمن ڪير آهي؟ خوف ۽ ڪوڙ جي گهيراءُ کي صرف ۽ سچائي ٽوڙي سگهي ٿي، عمران خان ۾ همٿ آهي ته قوم سان پورو سچ ڳالهائي، مخالف ڌر ۾ همٿ آهي ته قوم سان پورو سچ ڳالهائي، جڏهن سڀني جو اندر ۽ ٻار واضع ٿي وڃي ۽ گهيراءُ ٽٽي وڃي ته پوءِ ڳالهين جو ماحول پيدا ٿينديون ۽ اهي ڳالهيون ڪامياب به ٿينديون، بقول فراز جي ته:

میں کٹ گروں کہ سلامت رہوں یقین ہے مجھے

کہ یہ حصارِ ستم کوئی تو گرائے گا

تمام عمر کی ایذا نصیبیوں کی قسم

مرے قلم کا سفر رائیگاں نہ جائے گا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو