ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عدالت ۾ جواب جمع ڪرائيندي چيو آهي ته عدالت حڪم ڏئي ته ڪراچي جي جديد سرڪلر ريلوي لاءِ 3 ارب ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. رپورٽن مطابق سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سرڪلر ريلوي ڪيس ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. وڏي وزير توهين عدالت جو نوٽيس واپس وٺڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته ڪراچي سرڪلر ريلوي جي فزيبلٽي رپورٽ ٽن مهينن ۾ ٺهي، وفاق جي سستي باوجود سنڌ حڪومت منصوبي تي تيزيءَ سان ڪم ڪيو، وفاقي حڪومت 2017ع ۾ سرڪلر ريلوي ۾ دلچسپي وٺڻ ڇڏي ڏني. مراد علي شاهه چيو ته ٽرانسپورٽ کاتي 14 نومبر تي سمري ڪابينا ۾ پيش ڪئي، جڏهن ته آئون ڪورونا وائرس جو شڪار هئس ان لاءِ ڪابينا جي گڏجاڻي ملتوي ڪئي، ايف ڊبليو او کي هڪ ڪروڙ رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني، 9 ڊسمبر تي ايف ڊبليو او کي بقايا 15 ڪروڙ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني. جمع ڪرايل جواب ۾ سنڌ جي وڏي وزير پاران چيو ويو ته ڪراچي کي جديد ماس ٽرانزٽ نظام جي ضرورت آهي، سرڪلر ريلوي کي اهڙي طرح بحال ڪيو وڃي ته جيئن جديد ماس ٽرانزٽ نظام متاثر نه ٿئي، عدالت حڪم ڏئي ته ڪراچي سرڪلر ريلوي لاءِ 3 ارب ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.
266